گوري لنڪيش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گوري لنڪيش

گوري لنڪيش
پيدائش 29 جنوري 1962(1962-01-29)
بينگلور, ڀارت
وفات 5 سيپٽمبر 2017 (عمر اظھاري چُڪَ: اڻڄاتل وقفي حرف "{". سال)
بنگلور، ڀارت
وفات جو ڪارڻ قتل
پيشو صحافڻ (جرنلسٽ)
اعزاز انا پولتڪوسڪايا ايوارڊ

گوري لنڪيش (انگريزي ٻولي: Gauri Lankesh) جنم (جنوري 29، 1962 - قتل 5 سيٽمبر 2017) ڪرناٽڪ جي شهر بينگلور سان تعلق رکندڙ صحافي هئي. هن هفتيوار لنڪيش پترڪ جي مُدير (ايڊيٽر) جي حيثيت سان ڪم ڪيو. لنڪيش پترڪ هفت روز ڪنڙ ٻولي ۾ گوري جو پيءُ پي۔ لنڪيش شروع ڪيو هيو، گوريءَ گوري لنڪيش پترڪ پڻ ڇپايو. پنهنجي وفات جي مهل گوري کي ساڄي ڌُر (رائٽ-ونگ) هندوتوا انتها پسندي جي ڀرپور ناقد جي حيثيت سان ياد ڪيو ويو. ساڄِي ڌُر (رائٽ-ونگ) هندوتوا انتها پسندي جي خلاف ڳالهائيڻ تي، نارين جي حقن تي آواز اُٿارڻ جي ڪارڻ کان ۽ ذات پات جي متڀيد بابت آواز اُٿارڻ جي سبب گوري کي انا پولتڪووسڪايا ايوارڊ سان نوازيو ويو هيو.[1]

ننڍپڻ ۽ ڪيريئر[سنواريو]

گوري لنڪيش ڪنڙ لنگايت گهراڻو ۾ 29 جنوري 1962 تي جنم ورتو هيو.سندس ابو پي۔لنڪيش شاعر ۽ صحافي هيو، جننهن هفتيوار لنڪيش پترڪ اخبار جو بنياد وڌو هيو.[2] فلم۔ٺاهيندڙ اندراجيت لنڪيش سندس ڀاءٌ ۽ فلم ٺاهيندڙ (فلمساز) ڪويتا لنڪيش سندس ڀيڻ آهي.[3] گوري پنهنجي صحافت واري زندگي جي شروعات دي ٽائمز آف انڊيا کان بينگلور ۾ ڪم ڪيو. جنهن کانپوءِ هيءَ پنهنجي مُڙسالو چدانند راجگهٽا ({Chidanand Rajghatta}}) سان گڏجي دهلي ڏانهن لڏي اچي رهڻ لڳي. جلد ئي هيءَ بنگلور واپس اچي وئي ۽ اتي سنڊي جي نمائندو تي مجلي سان گڏ 9 سال تائين واڳيل رهي. سال 2000 پنهنجي پيءُ جي وفات مهل گوري ايناڊو (Eanadu) جي تيليگو ٽيلي ويزن چينل سان واڳيل هئي.ان مهل تائين گوري صحافت ۾ 16 سال گزاري ڇڏيا هيا.[4]

لنڪيش پترڪ[سنواريو]

جڏهن گوري جي پيءُ جي موت ٿي وئي تہ گوري پنهنجي ڀاءٌ اندراجيت لنڪيش سان گڏ ماني سان ملڻ وئي، جيڪو لنڪيش پترڪ جو ڇاپيندڙ (پبلشر) هيو. ماني سان هن هيئن چيو تہ لنڪيش پترڪ کي بند ڪرڻو آهي، پر ماني ان جي اُبتڙ راءِ ڏني. گوري پوءِ لنڪيش پترڪ جي ايڊيٽر بڻجي وئي ۽ سندس ڀاءُ اندراجيت رُڳو هفت روز سان لاڳاپيل ڪاروباري معاملا ڏسندو هيو.[4]
سال 2001 جي مُنڍ ۾ گوري ۽ اندراجيت جي وچ ۾ هفت روز جي نظريو تي اختلاف ٿي پيو ۽ اهو اختلاف فيبروري 2005 ۾ عام ٿي ويو، جڏهن نيڪسلائٽ جو پوليس تي حملو بابت گوريءَ هفت روز ۾ رپورٽ ڇاپي. 13 فيبروري تي اندراجيت (جيڪو هفتيوار جو مالڪ ۽ پبلشر هيو) تنهن هيءَ رپورٽ واپس ورتي ان ڳالهہ تي زور ڏنو تہ ان رپورٽ سان نيڪسلائٽن جي اڃا وڌيڪ همدردي آهي. 14 فيبروري تي اندراجيت گوري جي خلاف هڪ پوليس-شڪايت درج ڪرائي ۽ اهو الزام لڳايو ٿہ هن هفتيوار جي دفتر منجهان ڪمپيوٽر، پرنٽر ۽ اسڪينر چوري ڪيا آهن. گوري ان جي جواب ۾ هيئن شڪايت درج ڪرائي تہ اندراجيت کيسن پستول ڏيکاري ڊيڄاريو ۽ ڌمڪيون ڏنيون. 15 فيبروري تي اندراجيت هڪ پريس ڪانفرينس ڪئي جتي هن گوري تي هفتيوار جي وسيلي نيڪسلائٽ نظريو جي واڌاري ۽ ڇپائيءَ جو الزام لڳايو. گوري ڌار هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي پنهنجي ڀاءٌ پاران کيس تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪئي ۽ هيئن چيو تہ سندس ڀاءٌ هن جي سماجي خدمتن کي روڪڻ چاهي ٿو.[5] انکانپوءِ گوري پنهنجو الڳ ڪنڙ ۾ هفتيوار اخبار گوري لنڪيش پترڪ شروع ڪيو.[6]

قتل[سنواريو]

5 سيپٽمبر 2017 تي رات 8 وڳي جي لڳ ڀڳ راجاراجيشوري نگر، بنگلور ۾ ٽي نامعلوم ماڻهن گوري کي سندس گهر ۾ گوليو هڻي ماري قتل ڪري ڇڏيو.قاتلن گوريءَ تي اَٽڪل 7 گوليون وسايون جڏهن هوءَ آفيس کان گهر واپس موٽڻ کانپوءِ پنهنجي گهر جو مُکيا دروازو کولي رهي هُئي. پهرئيون پيشيور قاتل، جيڪو گوري جي گهر ويجهو، گوري جو وجهہ وٺِي ويٺيو هيو، گوريءَ تي ڪيتريون ئي گوليون هلايون ۽ ٻہ ٻيا قاتل ماڻهو ان کانپوءِ گوري تي گوليون هلايون. ٽي قاتل هيلميٽ پهريل هيا ۽ 2 ڦيٿن واري هونڊا ڊيو موٽرسائيڪل تي قتل ڪرڻ کانپوءِ ڀڄي ويا. ٽن گولن سان گوري جو مٿو، ڪنڌ (ڳچي) ۽ ڇاتي پروڻ ڪري ويون، جنهنڪري ٿڏي تي ئي هوءَ مري وئي.[7][8]

حوالا[سنواريو]

  1. "Gauri Lankesh honoured with Anna Politkovskaya Award". The Hindu. 5 October 2017. ISSN 0971-751X. http://www.thehindu.com/news/cities/bangalore/gauri-lankesh-posthumously-honoured-with-anna-politkovskaya-award/article19802238.ece. 
  2. "Gauri Lankesh, a journalist known for anti-establishment, pro-Dalit stand". هندستان ٽائمز. 5 September 2017. Archived from the original on 6 September 2017. https://web.archive.org/web/20170906000950/http://www.hindustantimes.com/india-news/gauri-lankesh-a-journalist-known-for-anti-establishment-pro-dalit-stand/story-gOa7zJ7Ces2Fv0ZlFJNOTN.html. 
  3. "Who is Gauri Lankesh?". دي انڊين ايڪسپريس. 5 September 2017. Archived from the original on 6 September 2017. https://web.archive.org/web/20170906000951/http://indianexpress.com/article/who-is/gauri-lankesh-senior-journalist-bengaluru-lankesh-patrike-4830415/. 
  4. 4.0 4.1 "Being a woman is my security right now". ريڊف ڊاٽ ڪوم. 3 May 2000. Archived from the original on 28 March 2010. https://web.archive.org/web/20100328004322/http://www.rediff.com/news/2000/may/03gauri.htm. 
  5. "'Lankesh Patrike' family splits". The Times of India. 15 February 2005. Archived from the original on 5 September 2017. https://web.archive.org/web/20170905195806/http://timesofindia.indiatimes.com/city/bengaluru/Lankesh-Patrike-family-splits/articleshow/1022189.cms. 
  6. "Activist Gauri Lankesh shot dead at her Bengaluru home". The Economic Times. 5 September 2017. Archived from the original on 6 September 2017. https://web.archive.org/web/20170906000949/http://economictimes.indiatimes.com/news/politics-and-nation/senior-journalist-gauri-lankesh-shot-dead-in-bengaluru/articleshow/60381538.cms. Retrieved 5 September 2017. 
  7. Rajiv Kalkod (5 September 2017). "Senior journalist Gauri Lankesh shot dead at her house". دي ٽائمز آف انڊيا. Archived from the original on 6 September 2017. https://web.archive.org/web/20170906000949/http://timesofindia.indiatimes.com/city/bengaluru/noted-journalist-gauri-lankesh-shot-dead-at-her-house/articleshow/60380886.cms. 
  8. "Senior journalist Gauri Lankesh shot dead at her Bengaluru home, kin demands CBI probe". انڊيا ٽوڊي. 5 September 2017. Archived from the original on 6 September 2017. https://web.archive.org/web/20170906000951/http://indiatoday.intoday.in/story/journalist-gauri-lankesh-shot-dead-bengaluru/1/1041572.html. Retrieved 5 September 2017.