گلاب ٻائي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
گلاب ٻائي
پيدائش 1926
بالپوروا, قنوج ضلعو, اتر پرديش, انڊيا
وفات سال 1996
ٻيا نالا گلاب جان
پيشو اسٽيج پرفامر
لوڪ موسيقار
شھرت جو ڪارڻ نوٽنڪي
اعزاز پدم شري ايوارڊ

گلاب ٻائي (1926ع-1996ع) جنهنکي گلاب جان پڻ سَڏيو ويندو هيو، نوٽنڪي جي مشهور اداڪارا ۽ ڪلاڪار هُئي.[1] هيءَ روايتي ناٽڪ جي پهرئين ناري اداڪارا آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن ساراهيو آهي.[2][3] هي گريٽ گلاب ٿيٽر ڪمپني جي پايو وجهندڙ (باني) هئي. اها ڪمپني ٿيٽر جي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ناءُ سان سُڃاتي ويندي هُئي.[4] هندستان جي سرڪار کيس 1990 ۾ چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سا نوازيو.[5]

حياتي نامو[سنواريو]

گلاب ٻائي جي پيدائش سال 1926ع فرخ آباد ضلعو جي بال پوروا نالي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس تعلق اتر پرديش جي بيديا قبيلي سان هيو، جيڪو پُٺتي پيل قبيلو آهي ۽ ماڻهن جي وِندُرَ (انٽرٽينمينت) جو ڪم ڪندو آهي.[1][6] هن روايتي ناچ ۽ ڳائڻ جي سِکيا ڪانپور گهراڻو جي استاد تري موهن لال ۽ هاٿرس گهراڻو جي استاد محمد خان وٽان حاصل ڪئي ۽ سال 1931 ۾ 13 سال جي ڄمار ۾ استاد تري موهن لال سان گڏ پهريون ڀيروعوام اڳيان پنهنجا جوهر ڏيکاريا. تُرت ئي هن پنهنجو الڳ انداز اختيار ڪري ورتو ۽ عوام ۾ گوبا جان جي نالي سان مشهور ٿي وئي.

پنهنجي مقبوليت کي ڏسندي هن پنهنجي الڳ ڪمپني ٺاهي ۽ ان جو نالو دي گريٽ بلاگ ٿيٽر ڪمپني رکيائين. پر سندس استاد تري موهن هن جي ان قدم سان خوش نہ هيو.[4] ڪمپني تُرت ئي مشهور ماڻڻ لڳي ۽ شهرت جي منزلن کي پار ڪرڻ لڳي. گلاب جان جي اداڪاري، سندس نِرالو انداز ۽ جوڀن جواني عوام کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪايو ۽ سال 1960 جي ڏهاڪو سندس عروج جو زمانو هيو.[2] هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ سوخ بدن (نندا گوها) کي پڻ پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪيو جيڪا پوءِ پاڻ هڪ سُٺِ اداڪارا بڻجي وئي.[4] هن جي ڌيءُ مڌو پڻ مشهور اداڪارا هئي. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ ٿيٽر جو زوال ٿيڻ لڳو.[6]

سال 1990۾ هندستان جي حڪومت هن کي هندستان جو چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سان نوازي سندس ڪم ۽ خدمت جي واکاڻ ڪئي.[5] انکان 6 سال پوءِ 70 سال جي ڄمار ۾ هيءَ هن جهانَ منجهان لاڏاڻو ڪري وئي.[1] ديپتي پريا گلاب ٻائي، دي ڪوين آف نوٽنڪي ٿيٽر جي نالي سان هن جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو پينگوئن پاران ڇاپيو ويو.[7] مئي 2014 تي ڪانپور ۾ هڪ ناٽڪ (ڊرامو) ٺاهيو ويو، جنهن ۾ گلاب ٻائي جي زندگي کي ڏيکاريو ويو.[8]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 Ananda Lal. "Gulab Bai (1926–96)". The Oxford Companion to Indian Theatre. ISBN 978-0-19-564446-3. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. 2.0 2.1 "Dying Drama". Booji. وقت 10 مئي 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Check date values in: |access-date=, |archive-date= (مدد)
  3. "Amazon profile". Amazon. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  4. 4.0 4.1 4.2 "Biography Page 179". Rediff. حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  5. 5.0 5.1 "Padma Awards" (PDF). Ministry of Home Affairs, Government of India. حاصل ڪيل 21 جولاءِ 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  6. 6.0 6.1 "Penguin Books profile". Penguin Books. حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  7. Deepti Priya Mehrotra (2006). Gulab Bai: The Queen of Nautanki Theatre. Penguin India. pp. 318. ISBN 978-0-14-310043-0. https://books.google.com/books/about/Gulab_Bai.html?id=tjyemJStPpUC&redir_esc=y. 
  8. "Actors and theatre artists watch the play 'Gulab Bai' in Lucknow". Times of India. حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015.  Check date values in: |access-date= (مدد)

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]