گلاب ٻائي
| گلاب ٻائي | |
|---|---|
| پيدائش | 1926 بالپوروا, قنوج ضلعو, اتر پرديش, انڊيا |
| وفات | سال 1996 |
| ٻيا نالا | گلاب جان |
| پيشو | اسٽيج پرفامر لوڪ موسيقار |
| شھرت جو ڪارڻ | نوٽنڪي |
| اعزاز | پدم شري ايوارڊ |
گلاب ٻائي (1926ع-1996ع) جنهنکي گلاب جان پڻ سَڏيو ويندو هيو، نوٽنڪي جي مشهور اداڪارا ۽ ڪلاڪار هُئي.[1] هيءَ روايتي ناٽڪ جي پهرئين ناري اداڪارا آهي، جنهن کي ڪيترن ئي ماڻهن ساراهيو آهي.[2][3] هي گريٽ گلاب ٿيٽر ڪمپني جي پايو وجهندڙ (باني) هئي. اها ڪمپني ٿيٽر جي دنيا ۾ هڪ ڪامياب ناءُ سان سُڃاتي ويندي هُئي.[4] هندستان جي سرڪار کيس 1990 ۾ چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سا نوازيو.[5]
حياتي نامو
[سنواريو]گلاب ٻائي جي پيدائش سال 1926ع فرخ آباد ضلعو جي بال پوروا نالي ڳوٺ ۾ ٿي. سندس تعلق اتر پرديش جي بيديا قبيلي سان هيو، جيڪو پُٺتي پيل قبيلو آهي ۽ ماڻهن جي وِندُرَ (انٽرٽينمينت) جو ڪم ڪندو آهي.[1][6] هن روايتي ناچ ۽ ڳائڻ جي سِکيا ڪانپور گهراڻو جي استاد تري موهن لال ۽ هاٿرس گهراڻو جي استاد محمد خان وٽان حاصل ڪئي ۽ سال 1931 ۾ 13 سال جي ڄمار ۾ استاد تري موهن لال سان گڏ پهريون ڀيروعوام اڳيان پنهنجا جوهر ڏيکاريا. تُرت ئي هن پنهنجو الڳ انداز اختيار ڪري ورتو ۽ عوام ۾ گوبا جان جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
پنهنجي مقبوليت کي ڏسندي هن پنهنجي الڳ ڪمپني ٺاهي ۽ ان جو نالو دي گريٽ بلاگ ٿيٽر ڪمپني رکيائين. پر سندس استاد تري موهن هن جي ان قدم سان خوش نہ هيو.[4] ڪمپني تُرت ئي مشهور ماڻڻ لڳي ۽ شهرت جي منزلن کي پار ڪرڻ لڳي. گلاب جان جي اداڪاري، سندس نِرالو انداز ۽ جوڀن جواني عوام کي پنهنجي طرف ڌيان ڇڪايو ۽ سال 1960 جي ڏهاڪو سندس عروج جو زمانو هيو.[2] هن پنهنجي ننڍي ڀيڻ سوخ بدن (نندا گوها) کي پڻ پنهنجي ڪم ۾ شامل ڪيو جيڪا پوءِ پاڻ هڪ سُٺِ اداڪارا بڻجي وئي.[4] هن جي ڌيءُ مڌو پڻ مشهور اداڪارا هئي. پڇاڙيءَ جي ڏينهن ۾ ٿيٽر جو زوال ٿيڻ لڳو.[6]
سال 1990۾ هندستان جي حڪومت هن کي هندستان جو چوٿون وڏو شهري ايوارڊ پدم شري سان نوازي سندس ڪم ۽ خدمت جي واکاڻ ڪئي.[5] انکان 6 سال پوءِ 70 سال جي ڄمار ۾ هيءَ هن جهانَ منجهان لاڏاڻو ڪري وئي.[1] ديپتي پريا گلاب ٻائي، دي ڪوين آف نوٽنڪي ٿيٽر جي نالي سان هن جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب لکيو، جيڪو پينگوئن پاران ڇاپيو ويو.[7] مئي 2014 تي ڪانپور ۾ هڪ ناٽڪ (ڊرامو) ٺاهيو ويو، جنهن ۾ گلاب ٻائي جي زندگي کي ڏيکاريو ويو.[8]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 Ananda Lal (2004), "Gulab Bai (1926–96)", The Oxford Companion to Indian Theatre, آئي ايس بي اين 978-0-19-564446-3, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015۔
- 1 2 "Dying Drama", Booji, 2015, اصل کان 10 مئي 2012 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015۔
- ↑ "Amazon profile", Amazon, 2015, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015۔
- 1 2 3 "Biography Page 179", Rediff, 2015, حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015۔
- 1 2 "Padma Awards", Ministry of Home Affairs, Government of India, 2015, حاصل ڪيل 21 جولاءِ 2015۔
- 1 2 "Penguin Books profile", Penguin Books, 2015, حاصل ڪيل 28 سيپٽمبر 2015۔
- ↑ Deepti Priya Mehrotra (2006). Gulab Bai: The Queen of Nautanki Theatre. Penguin India. pp. 318. ISBN 978-0-14-310043-0. https://books.google.com/books/about/Gulab_Bai.html?id=tjyemJStPpUC&redir_esc=y.
- ↑ "Actors and theatre artists watch the play 'Gulab Bai' in Lucknow", Times of India, 12 مئي 2014, حاصل ڪيل 29 سيپٽمبر 2015۔
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- "Legendary artist Gulab Bai ( Queen of Nautanki Theatre )", يوٽيوب video, Kalakunj, 1982, حاصل ڪيل 3 February 2020۔