گرو گرنٿ صاحب

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
گرو گرنٿ صاحب

سانچو:Infobox religious text گرو گرنٿ صاحب(Punjabi (Gurmukhi)eg.ਓ : (Gurū Gra°th Sāhib Jī), سانچو:IPA-pa, /ˈɡʊər ɡrʌnt səˈhɪb/):

گرو گرنٿ صاحب سکن جي مذهب جو مقدس ڪتاب آهي. ڏھ انساني گروئن کانپوءِ سک مذھب جا پيروڪار ان ڪتاب کي آخري گرو سمجھندا آھن.[1]سڀ کان اول پنجين نمبر گرو ارجن آدي گرنٿ جو ڪتاب جوڙيو. ڏھين نمبر گرو گوبند سنگھ ان ڪتاب ۾ گرو تيغ بھادر جي سلوڪ ۽ بيتن وغيره جو اضافو ڪيو.[2]ان اضافي کانپوءِ ان ڪتاب جو نالو گرو گرنٿ صاحب پئجي ويو.[3]گرو گوبند سنگھ جي وفات کان پوءِ بابا ديپ سنگھ ۽ ڀائي ماني سنگھ گرو گرنٿ صاحب جون ڪاپيون تيار ڪري ورھايون.[4] ڪتاب ۾ 1430 انگ يعني صفحا، 6000 سبد يعني سٽون آھن.[5][6] جيڪي شاعراڻي انداز ۾ لکيل آھن

“آد گرنٿ” يا “آد بيڙ”، جنھن کي شري گرو گرنٿ پڻ سڏيو وڃي ٿو، سا سکن جي پوتر پوٿي آھي، جنھن کي سکن جي پنجين گرو ارجن ديو، اڪبر جي زماني 1604ع ۾ مرتب ڪيو. ان ۾گرو نانڪ کان سواءِ ٽن ٻين گــُرن ۽ ٻين ڀڳتن جو ڪلام گڏ ٿيل آهي.گرو گرنٿ ۾ شامل ڪلام ۾ سنسڪرت، ھندي، راجستاني ۽ پنجابيءَ سان گڏ سنڌيءَ جا ڪيترا لفظ ۽ فقرا استعمال ٿيل آھن.[7].

گرو گرنٿ صاحب جي شبدن جي ڪمپوزيشن کي آن لائين يا ڊائونلوڊ ڪري ٻڌڻ لاءِ Play Media کي دٻايو

گرو گرنٿ صاحب جي ڪلام جي تاريخ[سنواريو]

يقين سان چئي نٿو سگهجي ته صوفي ڪلام کي گڏ ڪرڻ جو سلسلو ڪڏهن کان شروع ٿيو، پر يقين آهي ته ڀڳتي تحريڪ هيٺ ڪلام گڏ ڪرڻ جو سلسلو گهڻو اڳ شروع ٿي چڪو هو. ڀڳتي تحريڪ جي شاعرن، درويشن جي ڪلام جي ترتيب جو ڪم ٽن مرحلن مان هليو ، جنهن جي اثر هيٺ ڀڳت ڪبير، گرونانڪ، سورداس، تلسي داس ۽ دادو ديال جهڙن، درويشن شاعرن جو ڪلام جمع ٿيو، پر سوامي هري داس پنهنجي ڪلام جي ترتيب جي سلسلي ۾ وڌيڪ تبديليون آنديون ۽ هُن جي تجربن کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي. اوائلي دور ۾ سوامي هريداس پنهنجي ڪلام کي سادي نموني ۾ گڏ ڪندو هو، جنهن ۾ رڳو ڪلام کي اهميت حاصل هئي. انهيءَ دور ۾ اول هر ڪلام جي مٿان، انهيءَ راڳ جو نالو لکيو ويندو هو، جنهن ۾ انهي ڪلام کي ڳائيندا هئا. سوامي هري داس موسيقيءَ جو ماهر ۽ وڏو ڀڳت هو، ان ڪري ڀڳت تحريڪ جي ٻين شاعرن به پنهنجي ڪلام کي هن جي پيروي ۾ ساڳئي نموني ۾ گڏ ڪيو. پهرئين نموني جو مثال هيٺ ڏجي ٿو: ترتيب 1- (1) راڳ بهاڳ: گّهوُ، من سڀ رس ڪورس سار (2) راڳ وڀاس: جِيُون هي جِيُون تم راکت هو (3) راڳ اساوري: هِت تو ڪيجي ڪمل نين سٻي (4) راڳ ڪلياڻ: هري ڪو ايسو هي سڀ کيل پر اڳتي هلي هن درويش شاعر ڪلام جي ترتيب جو نمونو ٿورو ڦيرائي ڇڏيو. ڇو جو هينئر ڪلام جي بدران راڳ کي وڌيڪ اهميت حاصل ٿي چڪي هئي. انهيءَ تبديليءَ جي اثر هيٺ ٻئي مرحلي ۾ راڳ جي هيٺ ڳائجڻ وارو سمورو ڪلام هڪ هنڌ گڏ ڪيو ويو، ان ڪري جو سوامي هري داس موسيقيءَ جو وڏو ماهر ۽ تان سين ۽ بيجوباوره جهڙن برگ ڳائڻن جو استاد هو. ٻئي سلسلي ۾ ڪلام گڏ ڪرڻ جو نمونو هيءُ هو. ترتيب 2- راڳ وڀاس جّيوُن هي جِيُون هي تم راکت هو ڪاهو ڪٻي بس نهين تمهاري. وغيره راڳ اساوري هِت تو ڪيجٻي ڪمل نين سون تِنڪا بياري ڪٻي بس هري ڪي نام ڪو آلس ڪيون ڪرت، وغيره راڳ ڪلياڻ هري ڪو ايسو هي سڀ کيل پريم سّمُد ر روپ رس. وغيره راڳ هيٺ وڏي تعداد ۾ ڪلام هوندو هو. پر هي ٻئي نمونا سادا هئا. انهيءَ ۾ ترتيب جي ڪا خاص سهڻائي ۽ فڪر نظر نٿو اچي، جيڪو ٽئين مرحلي ۾ پيدا ٿيو، پر ان جو آڌار پهرين مرحلي جي ترتيب تي ئي آهي. ٽئين مرحلي جي مڪمل ۽ سهڻي ترتيب جي صورت اسان کي گرو گرنٿ صاحب ۾ نظر اچي ٿي. گروناڪ ۽ هن کان پوءِ واري دور ۾ گروئن جي ڪلام کي مٿي ڄاڻايل ٻنهي نمونن هيٺ گڏ ڪيو ويو، پر پوءِ سک گروئن کي گرونانڪ ۽ ٻين گروئن ۽ ڀڳتن جي ٻاڻين کي جي جدا جدا هنڌن تي پکڙيل هيون، گڏ ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو. انهيءَ خيال سان سمورو ڪلام هٿ ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته جدا جدا ماڻهن ڪلام کي جدا جدا نمونن ۾ نقل ڪري رکيو آهي. انهن سڀني نمونن کي سامهون رکي هڪ نئين ۽ سُهڻي ترتيب سان گرنت کي تيار ڪيو ويو. هاڻي گرنٿ صاحب جي ترتيب معمولي هير ڦير سان ساڳي انداز ۾ هلي ٿي اچي، جنهن ۾ ٻئي نموني وانگر راڳ کي اهميت حاصل آهي. نئين ترتيب ۾ جدا جدا راڳن جي نالن تي باب قائم ڪيا ويا ۽ هر باب کي جنهن جو عنوان، ڪنهن نه ڪنهن راڳ جي نالي سان منسوب آهي، جدا جدا ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي. هن ريت هڪ نئون ۽ سهڻو انداز پيدا ٿيو، جنهن هڪ نرالي ترتيب کي جنم ڏنو.گرنٿ صاحب ۾ شاعريءَ جون ڪيتريون ئي صنفون شامل آهن، جيئن ته اِشٽ، پد، شبد، شلوڪ، چار پد، وار ۽ سّوايا وغيره. هي سڀئي صنفون يا انهن منجهان ڪا صنف هرباب (راڳ) هيٺ گڏ ڪيون ويون آهن. راڳ کي ”محلن“ ۾ ۽ ”محلن“ کي ”پوڙين“ ۾ ورهايو ويو آهي. اهڙيءُ ريت هڪ نئين ۽ سهڻي ترتيب گرو گرنٿ صاحب جي صورت ۾ اسان جي سامهون اچي ٿي. هيءَ ترتيب گنٿ سان مخصوص ٿي وئي آهي، جنهن ۾ داخلي فڪر جو ڏس به ملي ٿو. سک مذهبي ادب اّدي گرنٿ ۽ وسم گرنٿ ۾ جمع ٿيل آهي. ان کان سواءِ ٻين گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ۽ اهڙي قسم جو ٻيو ڪلام يادگار آهي، جنهن ۾ گرو تيغ بهادر، سنت رين جي ڪانها ڀڳت ۽ ڇجو ڀڳت وغيره جو ڪلام آهي. جوانمردي ۽ بهادريءَ جو ڪلام ”وارن“ جي صورت ۾ آهي. اهڙي ڪلام ۾ ڀائي گروداس جون چاليهه وارون، گرو گوبند سنگهه عبدل ۽ ٽنڊل جو ڪلام آهي. گرنٿ صاحب ۾ ڀڳتن سان گڏ مسلمان شاعرن جو صوفياڻو ڪلام به آهي. اهڙن شاعرن ۾ بابا فريد (ثاني؟) ماڌو لال شاهه حسين ۽ شاهه شريف جو ڪلام خاص طور قابل ذڪر آهي. تصوف جي علاوه عاشقاڻو ڪلام به آهي، پر گهٽ. اهڙو ڪلام گهڻو ڪري دمودر ۽ پيلو جو آهي، ڪنهن ڪلام سُٿرا شاهه ۽ جُلهن جو به آهي..[8] آدي گرنٿ ۾ گرونانڪ جو ۽ وسم گرنٿ ۾ ڏهين گرو گوبند سنگهه جو ڪلام آهي، پر گرو گرنٿ صاحب ۾ گرونانڪ، ٻين سک گروئن، ڀڳتن ۽ پيرن فقيرن جو ڪلام آهي. انهيءَ مجموعي ۾ 3384 شبد آهن، جو سن1603ع ۾ پنجين گرو ارجن ديو امرتسر ۾ گڏ ڪرائي ڀائي گرداس کان لکارايو هو ۽ پوءِ ان ۾ پنهنجو ۽ پنهنجن همعصرن ڀڳتن جو ڪلام به داخل ڪري سن 1604ع ۾ مڪمل ڪرايو. انهيءَ وڏي مجموعي ۾ پهرين گروءَ جا 2949، ٻئي گرو جا 57، ٽئين گرو جا 2522، چوٿين گرو جا 1730، پنجين گرو جا 6204، نائين گرو جا 173 ۽ ڏهين گرو جو هڪ مصرع آهي. ڀڳت ڪبير جا 71146، نامديو جا 7339، شيخ فريد جا 149، فئيداس جا 134، ڀائي مرداني جا 73، راءِ بلونڊ جا 8، ميران ٻائي جا 3 ۽ ٻين ڀڳتن جا 128 مصرع درج آهن. مصرع پد يعني منظوم ڪلام کي چيو ويو آهي. وسم گرنٿ گرو گوبند سنگهه جو گڏ ڪيل آهي، اُن جي ڪلام تي ئي مشتمل آهي. پاڻ هندي جا برک ۽ پرگو شاعر هئا. وسم گرنٿ صخيم آهي ۽ ان ۾ چنڊي ۽ ڀڳوتيءَ جون ”وارون“ پنجابي ٻوليءَ ۾ آهن. گرنٿ ۾ گرونانڪ جو ڪلام، نصيحت ناما، ريختي، مناجات، پران سنگلي يا سن محلد ڪي ڪٿا، گيان سروور، ڪافيون، ڪٿا ڪرشن چندر، باني بنگهم ۾ ڪجهه فارسي شبد ۽ نثر ۾ ”حاضر نامون“ شامل آهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته گرنٿ صاحب ۾ ڪلام ڪيترن قسمن جو ۽ ڪهڙيءَ نوعيت جو آهي. هاڻي گرنٿ صاحب جي ترتيب تي هڪ نظر وجهي ڏسون..[9] ترتيب 3- (1) سري راڳ: هيءُ گرنٿ صاحب جو پهريون راڳ (باب يا فصل) آهي. انهيءَ راڳ هيٺ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن، جن ۾ ڪبيرداس ۽ ٻين ڀڳتن جو ڪلام شامل آهي. (2) راڳ ماجهه (مانجهه؟): ۾ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون آهن، ترتيب سري راڳ جهڙي آهي. (3) راڳ گوڙي (گوري؟): ۾ گرونانڪ ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون، ڪبير نامديو ۽ ٻين ڀڳتن جو ڪلام آهي، جنهن ۾ ڪيترائي صنف، مثال طور ٻاونجاهه اکري، گوڙي ”سک مني“ ۽ وارّ شامل آهن. (4) راڳ آسا: ۾ گرونانڪ، گرو ارجن ديو ۽ ٻين گروئن جو ڪلام، ڪبيرنامديو ۽ ٻين ڀڳتن جو ٻاڻيون ۽ باب فريد جا دوها (شلوڪ) شامل آهن. (5) راڳا گوجري: ۾ گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن، پر چوبدن ۽ وارن کي وڌيڪ اهميت حاصل آهي. (6) راڳ ديو گنڌاري: ۾ رڳو گروئن جون ٻاڻيون آهن. (7) راڳ بهاگڙا (وهاڳڙو): ۾ ٽن گروئن جون ٻاڻيون آهن، پد ۽ وار شامل آهن. (8) راڳ وڍنس (بڊهنس): ۾ ٽن گروئن جون ٻاڻيون ۽ وار آهن. (9) راڳ سورٺ: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون آهن. (10) راڳ پرڀاتي: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جا ڪلام آهن. (11) راڳ ڌناسري: ۾ گرو ٻاڻي ۽ ڪبير ٻاڻي خاص آهي. (12) راڳ جيت سري: ۾ گرو ٻاڻي، ڀڳت ٻاڻي ۽ وار آهن. (13) راڳ توڊي: ۾ گرو تيغ بهادر، گرو ارجن ديو ۽ ٻين گروئن جون ٻاڻيون ۽ ڀڳتن جي ڪلام ۾ نامديو جو ڪلام خاص اهميت وارو آهي. (14) راڳ بيراڙي (براري ؟): ۾ گرو رامداس ۽ گرو ارجن ديو جو ڪلام آهي. (15) راڳ تلنگ: ۾ گرو ٻاڻين کان پوءِ ڀڳتن جا ٻول آهن. خاص ڪلام گرو تيغ بهادر جو آهي. (16) راڳ سوهي (سوها ؟ يا سهڻي؟): ۾ گرو ٻاڻين کان سواءِ ڀڳتن جا شبد آهن. ڪبير داس (شيخ ڪبير؟) رئيداس جي اشِٽ پدن کان سواءِ ڪافي به آهي، جا گرو نانڪ ۽ گرو ارجن ديو سان منسوب آهي.راڳ سوهي ۾ گرو ٻاڻي ۽ ڀڳت ٻاڻي کان سواءِ بابا فريد جا اشلوڪ خاص آهن. (17) راڳ بلاول: ۾ گروئن ڀڳتن جوڪلام گڏ ڪيل آهي. (18) راڳ گونڊ: ۾ به ڀڳتن ۽ گروئن جو ڪلام آهي. (19) رامڪلي: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ، ڀائي ستا ۽ ڀائي بلونڊ (ميراثين) جا ڪلام آهن، جنهن کي ”وار“ به سڏيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪلام ۾ راڳ گروئن کي ساراهيو ويو آهي. چون ٿا ته هي ڪلام گروئن جي تخت نشيني جي موقعي تي ٻڌايو ويندو هو. گروئن وٽان انهيءَ ڪلام تي انعام به مليو هو، ان ڪري انهيءَ ڪلام کي ”ٽڪا وار“ نالي سان به منسوب ڪيو ويندو آهي. (20) راڳ نٽ نارائن: ۾ رڳو گروئن جو ڪلام آهي. (21) راڳ مالي گوڙا (ماليگورا): گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون آهن. (22) راڳ مارو: ۾ پنجن گروئن ۽ چئن ڀڳتن جو ڪلام آهي. وار ۽ ميران ٻائي جا ڀڄن به انهيءَ راڳ ۾ جمع ٿيل آهن. (23) راڳ تکاري (ترکاري؟): ۾ ٽن گروئن جي ٻاڻي ۽ ڀڳتن جا ٻول آهن. (24) راڳ ڪيدار: (ڪيڏارو) ۽ ٻن گروئن ۽ ٻن ڀڳتن جو ڪلام آهي. (25) راڳ ڀيرونُ: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جي ڪلام سان گڏ ڪافي به آهي. (26) راڳ بسنت (بسنت بهار): ۾ پنجن گروئن سان گڏ ڀڳتن جو ڪلام به موجود آهي. (27) راڳ سارنگ: ۾ گرو ٻاڻي، ڀڳت ٻاڻي ۽ وار آهن. (28) راڳ ملهار: ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جون ٻاڻيون ۽ وار شامل آهن. (29) راڳ ڪانڙا (ڪانرو): ۾ گروئن ۽ ڀڳتن جا اشلوڪ ۽ ڀاڻيون آهن. (30) راڳ ڪنيان: (ڪلياڻ) ۾ رڳو گروئن جون ٻاڻيون آهن. (31) راڳ جيجا ونتي (جئي جئي ونتي): ۾ رڳو گرو تيغ بهادر ۽ ڪن ڀڳتن جو ڪلام آهي. سڀني سرن وانگر انهيءَ سُر ۾ به مختلف اصناف ۾ ڪلام موجود آهي ڪافي جي صنف تي تحقيقي ڪم ڪرڻ وارن لاءِ راڳ سوهي (16) ۽ راڳ ڀيرون (25) ۽ آد گرنٿ ۾ بابا نانڪ جي ڪلام جو اڀياس تمام ضروري آهي، ڇو جو انهن راڳن ۽ آدگرنٿ ۾ ڪافيون موجود آهي، ان کان سواءِ اهڙو ٻيو ڪلام به آهي، جنهن کي ڪافي چئي سگهون ٿا. گرنٿ جي بابن (راڳن) ۾ مختلف صنفن ۾ ڪلام ملي ٿو. اهڙيءَ ريت گرنٿ صاحب ۾ ايڪٽيهه راڳ آهن ۽ هر راڳ ۾ ڪيترائي محلا ۽ هر محلي ۾ ڪيتريون ئي پوڙيون آهن. ڪلام جو مقدار به گهڻو آهي ۽ ترتيب ڏکي ۽ منجهائيندڙ آهي، پر اڳوڻين ترتيبن جو ڀيٽ ۾ ان ۾ ”فڪر“ جو عنصر به نظر اچي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته بنا ڪنهن سوچ ويچار جي اهڙي ترتيب وجود ۾ اچڻ ممڪن نه آهي، ترتيب ۾ گروئن جي مرتبي جي حساب سان ڪلام کي مرتب ڪيو ويو آهي. گروئن کان پوءِ ڀڳتن ۽ پيرن فقيرن جي ڪلام ۾ ڪلام جي نوعيت ۽ شاعر جي حيثيت مطابق تقدس جو خيال رکيو ويو آهي..[10]

حوالا[سنواريو]

  1. Keene, Michael (2004). Online Worksheets. Nelson Thornes. p. 38. ISBN 0-7487-7159-X. 
  2. Partridge, Christopher Hugh (2005). Introduction to World Religions. p. 223. 
  3. Kapoor, Sukhbir. Guru Granth Sahib: An Advance Study. Hemkunt Press. p. 139. ISBN 9788170103219. 
  4. Pruthi, Raj (2004). Sikhism and Indian Civilization. Discovery Publishing House. p. 188. 
  5. Christopher Shackle and Arvind Mandair (2005), Teachings of the Sikh Gurus, Routledge, ISBN 978-0415266048, pages xvii-xx
  6. Penney, Sue. Sikhism. Heinemann. p. 14. ISBN 0-435-30470-4. 
  7. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  8. سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  9. سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  10. سنڌي رسالي جي ترتيب ۽ ان جو پس منظر؛ الياس عشقي ؛مھراڻ رسالو؛ جلد 35؛ 1986؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو