گئو مکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


گئو مکي(انگريزي: Gao Makhi ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي علائقي ننگر پارڪر لڳ واقع ھڪ مقام جيڪو سارڌري کان اولھ طرف ميل کن پنڌ پري ٽڪريءَ ۾ آهي. هتي ٻن ٽڪرين جون چوٽيون اچي پاڻ ۾ گڏجن ٿيون. جتان برسات جو پاڻي آبشار جي صورت ۾ ٽيهارو فوٽ هيٺ ڪري ٿو. جبلن جي چوٽين جي گڏجڻ ڪري قدرتي طرح پٿرن مان ڳئون جي شڪل ٺهي پيئي آهي، جنهن جي ٿڻن مان اهو گڏ ٿيل پاڻي سمي سدائين پيو هيٺ وهي. (پٻ جبل ۾ به هڪ هنڌ ڳئون جي ٿڻن جهڙا ڳوڙها آهن جتان چون ٿا ته اڳي کير وهندو هو ۽ هاڻي پاڻي وهي ٿو[1] ) اتي ڪو ميلو ڪونه لڳندو آهي، پر هندو ماڻهو هن کي تيرٿ سمجهي زيارت (درشن) لاءِ ايندا آهن، جنهن لاءِ ڪو وقت مقرر ٿيل نه آهي[2].گرنار ۾ آنٻاجي جو ڏهرو آهي، اتان دتاتريه رشي جو آستان هڪ ڪوهه پنڌ تي آهي، جتي هڪ جهرڻو آهي. جنهن جو منهن گانءِ جي منهن جهڙو آهي، جتان هميشہ پاڻي پيو وهي. هن کي به گئو مکي چوندا آهن.[3]

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ”قديم سنڌي“ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ. صفحو 51
  2. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  3. تاريخ گجرات، گجراتي، مگن لال بخت چند سال 1870ع، صفحو 27