سارڌرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سارڌرو (انگريزي: Sardhro ) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر جي ننگر پارڪر شهر کان ڏکڻ الهندي طرف ٻن ميلن جي پنڌ تي ٽڪريءَ جي اندر واقع ھڪ مقام جو نالو آهي. جو گورڌري نئن جي منهن وٽ آهي. اتي مهاديو جو هڪ مندر آهي ۽ پاڻيءَ جو هڪ ڪُن آهي جو اونهو آهي ۽ سدائين پاڻي سان ڀريل رهي ٿو. منجهس برسات جو پاڻي اچي ٿو. عام طرح هندن جو چوڻ آهي ته ڪنهن ويد يا شاستر ۾ ڪارونجهر جي اُنهيءَ ڪُن جو ذڪر آيو آهي ۽ اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن مُردي جا هڏا هن ڪُن ۾ وڌا ويندا ته گويا اُهي گنگانديءَ ۾ وڌا ويا! ڪُن جي مٿان ديويءَ جو هڪ مندر آهي، جتي شِوَجو لُنگ به ٺهيل آهي. اتي هندو ماڻهو مئل ماڻهن جي ڪريا ڪرم ڪندا آهن، ۽ انهن جا هڏا (شنک) انهيءَ ڪُن ۾ وجهندا آهن. هتي مارچ مهيني ۾ شوراتڙيءَ جو هر سال ميلو لڳندو آهي، جو هڪ ڏينهن هلندو آهي. سارڌري کان مٿڀرو پاراشر جو آستان آهي، جتي هڪ هنڌ چون ٿا ته پاراشر رشي ڏهه هزار سال بيهي تپشيا ڪئي هئي. پير جي هر هڪ آڱر تي هڪ- هڪ هزار سال بيٺو هو. آڱرين جا اهڙا ڏهه نشان جبل تي اڄ تائين موجود آهن[1].

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو پهريون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ چوٿون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو