ڪچو
ڪچو: درياھ جي ٻنهي ڪپن واريءَ زمين کي ’ڪچو‘ چئبو آهي ۽ اتي جي رهاڪن کي ’ڪچي جا ماڻهو‘ ڪري سڏبو آهي. ڪچي ۾ گهاٽا گهاٽا جهنگ ۽ ٻيلا آهن، جن ۾ ٻٻر، باهڻ ۽ ڪانهن ڪثرت سان هوندا آهن. زمين سيڪ واري ٿيندي آهي، جنهن تي ڇٻر هميشـﮧ ڄاول هوندي آهي. ساوڻ ۾ سمورو ڪچو پاڻي هوندو آهي. وري سرءُ جو، جڏهن پاڻيءَ جي مُند ختم ٿيندي آهي، تڏهن ڪچو به سُڪندو آهي. ساوڻ ۾ اُتي جا ڀاڳيا پنهنجون مينهون، ڏاند، ڳئون هڙئي پڪي تي ڪڍي ايندا آهن، جتي پاڻي ڪونه هوندو آهي.ڪچي جي ماڻهن جا گهر باهڻن ۽ ڪانهن جا ٺهيل هوندا آهن.ن. ڇت ۽ ڀتيون جيڪي ڪانهن سان ٺهيل هونديون آهن، سي تمام پڪيون ۽ جٽادار ٿينديون آهن. اُنهن کي مينهن واءُ جو خطرو مُور نه ٿيندو آهي. گهرن کان به وڌيڪ هو پنهنجن مينهن جا منَههَ، جن کي واڙا به سڏيندا آهن، سٺا مضبوط ۽ ڪشادا ٺاهيندا آهن. هنن کي ساهه کان به وڏيڪ سندن مينهون ۽ منَههَ پيارا آهن. ڪچي ۾ ڏهن ٻارهن گهرن جو ڳوٺڙو ٿيندو آهي، جو انهن جي وڏي ڀاڳئي جي نالي پٺيان سڏبو آهي. جي ڪنهن زميندار جو هوندو آهي، ته فلاڻي جي ’ڪيٽي‘ ڪري چئبو آهي. ڳوٺڙي جا رستا تمام سوڙها، چارن جي نموني ٿيندا آهن، جي گهرن جي اڱڻن ۾ وڃي کٽندا آهن. چارن جي ٻنهي پاسي ڀاڻ پيل هوندو آهي، وچ مان رستو ٿيندو آهي. ڀاڻ ڀاڳين کي ساوڻ جو دونهن جي ڪم ۾ ايندو آهي، ۽ سياري جو ڪٺو ڪندا ويندا آهن. هر هڪ گهر ۽ واڙي جي چوڌاري ڪنڊن جو پيهو هوندو آهي، جو ست اٺ فوٽ وڏو ٿيندو آهي ۽ ”در“، جنهن کي ”ڳلي“ ڪري سڏيندا آهن، سو رات جو ڍنگر سان بند ڪري ڇڏيندا آهن.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون؛ پير حسام الدين راشدي؛ايڊشن 1981؛ پبلشر؛ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو