ڪيوڙو
ڏيک
ڪيوڙي جي ڦري (ٻيا نالا: ع. ثمرهِ الموز، ف. بارڪيله، ھ. وغيره___ ڪيلہ، طلع ۽ ڪميسال) ڪيوڙي جي وڻ جو مشھور ڦر آهي، مٿان ٽڪنڊي يا گولائيءَ تي هڪ کل جي اندر مکڻ وانگر ڳر ٿئي ٿي. کائڻ ۾ مٺاڻ تي خوشبودار ٿيندو آهي.
اثر: گرم تر، نقصان: دير هضم، ميل: ماکي، عيوض: ___-، وزن: ٻه عدد.
خاصيت: گهاٽي بلغم کي صفا ڪري ٿو. سيني ۽ معدي جي رطوبت کي تحليل ڪري ٿو، مني ۽ قوت باه وڌائي ٿو، نڙيءَ جي ڦٽ، آواز جي صفائيءَ، کنگهہ ۽ دمڪشيءَ لاءِ مفيد آهي.[1]
حوالا
[سنواريو | ذريعو سنواريو]- ↑ ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: ۲۰۰۷ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.