ڪوريئڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪوريئڙو (spider) ھڪ عام جيت آھي. ڪوريئڙا ۽ وڇون، جيتن جي جماعت مان نہ چئبا، ڇو جو هنن کي اَٺ ٽنگون ٿين ٿيون ۽ جيتن کي ڇهہ، تنھن کان سواءِ هنن جي صورت بدلجي بہ نٿي، نڪي هنن کي سڱ يا مُڇون آهن. هنن جون اکيون بہ مفرد آهن، نہ مرڪب. ڪن ڪوريئڙن کي ساھ کڻڻ لاءِ ڦڦڙ ٿيندا آهن ۽ اَٺ اکيون ٿينديون آهن.[1]

ڪوريئڙي جا آنا، هڪڙي ڳوٿريءَ ۾ رهندا آهن ۽ جڏهن ٻچا ڦٽندا آهن، تڏهن سڀ گڏ رهندا آهن.[1]

ڪوريئڙو

قسم[سنواريو]

ڪوريئڙا ڪيترن ئي قسمن جا آهن. گهڻا تہ تمام ننڍڙا آهن، جي رڳو هڪڙي سنهڙي تند تي هوا ۾ اڏامندا وتن. ڪي پاڻيءَ ۾ گهر ٺاهي رهن ٿا. هڪڙو وڏو ڪوريئڙو تہ اهڙو آهي جو پنهنجو گهر کوپي وانگي ساڻ کنيو وتي. هن کي نانگ وانگي ڏند ٿين ٿا، جن سان هو زخم ڪري منجهس زهر نيٽائي وجهي ٿو. هو اڪثر ماڪوڙين تي گذران ڪري ٿو، پر ڪڏهن ڪڏهن پکين کي بہ آکيرن مان ڪڍيو کايو وڃي.

ڪي ڪوريئڙا، زمين ۾ نليءَ وانگي سوراخ ٺاهي ڇڏيندا آهن، جو پَٽجي پورجي سگهندو آهي. اهي اڪثر ’يورپ‘ جي ڏکڻ ۾ ٿيندا آهن.

هڪڙو تہ اهڙي قسم جو ڪوريئڙو آهي، جنهن جي چڪ پوڻ ڪري ماڻهو ڏڪي، ڏڪي بيھوش ٿيو پوي. چون ٿا تہ: اهڙو بيمار، باجي جي مِٺي آواز ٻڌڻ سان هوش ۾ ايندو آهي ۽ چڪ جي اثر کان ڇُٽي پوندو آهي. اهو بہ زمين جي اندر رهڻ وارڻ ڪوريئڙن مان آهي، ان کي ڏانوَر چوندا آهن.[1]

ڄارو[سنواريو]

ڄاري يا تند، هڪڙي کؤنر جهڙي شئي مان ٺاهيندو آهي، جا هو پيٽ منجهان ڪڍندو آهي. پهرين اها آلي آهي، پر نڪرڻ سان هوا ۾ سڪي پوي ٿي. هر هڪ تند، ڪيترن هزارن تندن مان ٺهيل آهي. جڏهن ڄاري ٺاهي تيار ڪري ٿو، تڏهن پاڻ منجهس يا پاسي کان لڪيو ويھيو رهي. ڪا مک يا ڪو ٻيو جيت اچي ڦاٿو تہ ٽپ ڏيئي وڃي جهليندس ۽ کائيندس، جي جيت وڏو هوندو ۽ ان جي ڀڄي وڃڻ جو امڪان هوندو تہ ڪوريئڙو هن جي چوڌاري، تندون ويڙهي وڃي ٿو، جنھنڪري هن کي قابو ڪيو ڇڏي، پوءِ ويھي کائيس ٿو. ڪنھن مھل ڪوريئڙو ڄاريءَ جي وچ تي ويھي اهڙا تڪڙا لوڏا ڏيندو آهي، جو پاڻ ڏسبو ئي ڪين آهي.

تاڃي ٺاهڻ جي رس لاءِ پيٽ جي هيٺان هنن کي چار غدود يا ڳوڙهيون رهن ٿيون، جن مان وقت سر تند ڪڍن ٿا.[1]

ڪوريئڙي جي ريشم[سنواريو]

ماڻهن ڪوشش ڪئي آهي تہ ڪوريئڙن کان ريشم ڪڍن، ۽ ايتري ڄاري هٿ بہ ڪئي اٿن، جو اُن مان دستانا جوڙيا اٿن، پر وڌيڪ ملي نٿي سگهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 ڪتاب جو نالو: حشرات الارض، مصنف: شمس العلماء ميرزا قليچ بيگ، ايڊيشن: پھريون، ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، سال: 1976ع. سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي موجود ڪتاب جي آنلائين ورجن تان ورتل