ڪوثر ٻرڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪوثر ٻرڙو

ڪوثر ٻرڙوانگريزي (Kosar Buriro) سنڌي ٻولي جو ناميارو براڊڪاسٽر، شاعر ۽ نثر نويس آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيل آهن.[1]

شروعاتي زندگي[سنواريو]

ڪوثر ٻرڙي جو اصل نالو غلام قاسم ٻرڙو ولد نبي بخش ٻرڙو آهي. هن ڪوٽ ڏيجي تعلقي، خيرپور ضلعي جي ڳوٺ جاني ٻرڙو ۾ پهرين سيپٽمبر1958ع تي جنم ورتو.[2]

تعليم[سنواريو]

ڪوثر پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي.هن مئٽرڪ جو امتحان 1975ع ۾ ڪمپريهينسو هاءِ اسڪولخيرپور ميرس مان پاس ڪيو ۽ انٽر جو امتحان 1977ع ۾ سپيريئر ڪاليج خيرپور ميرس مان پاس ڪيو. هن 1983ع ۾ ايم اي ٻين الاقوامي تعلقات ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي مان پاس ڪئي.[2]

خدمتون[سنواريو]

ڪوثر ٻرڙو 1983ع کان ريڊيو پاڪستان تي پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ خيرپور، ڪراچي، حيدرآباد، اسلام آباد، لاڙڪاڻو، تربت ۽ ٻين ريڊيو اسٽيشنس تي خدمتون ڏيندو رهيو. ترقي ماڻي اسٽيشن ڊائريڪٽر طور رٽائر ڪيائين. انهي دوران هن شاعري ۽ مضمون نويسي ۾ به پنهنجون صلاحيتون ڪم آنديون.سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپيا ۽ ڪيترائي مڃتا طور اوارڊ ماڻيائين.[2][3]

ڪتاب[سنواريو]

  • اوجاڳا ۽ خواب شاعري، 2000ع
  • ياد گهر ساروڻيون ۽ خط 2002ع
  • تنهن عشق کي شاباس (رومانوي قصا: 2004ع)
  • تون منهنجو صنم آهين (شاعري: 2005ع)
  • امر راڳي امر گيت، سرمد سنڌي جا ڳايل گيت 2005ع
  • فن ۽ فنڪار، فنڪارن جا انٽرويو، 2007ع
  • اڏاڻا احساس، ريڊيو ڪمپيئرنگ، 2009ع
  • لفظ آوارا بادل ريڊيو اسڪرپٽ[4]
  • ڳليان پريم نگر ديان[5]

اوارڊ[سنواريو]

ڪوثر ٻرڙو ادبي ۽ پيشيور خدمتن عيوض ڪافي اوارڊ ماڻيا.انهن ۾ اجرڪ آرٽ اوارڊ 1990ع، ٿر اوارڊ 1990ع، سچل اوارڊ 1991ع، شاھ عبداللطيف اوارڊ 1991ع، مراد فقير اوارڊ 1992ع، پراڻ اوارڊ 1992ع، گربخشاڻي اوارڊ 1992ع، پير صبغة الله راشدي اوارڊ 1992ع، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي اوارڊ 1993ع، بهترين ريڊيو پروڊيوسر اوارڊ 1995ع، محمد صديق مسافر اوارڊ 1995ع، سامي اوارڊ 1995ع ۽ شيخ علي محمد اوارڊ 1995ع اچي وڃن ٿا. وغيره شامل آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. "Kosar Buriro". ipfs.io. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  2. 2.0 2.1 2.2 2.3 "ٻرڙو ڪوثر : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  3. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  4. "ڪوثر ٻرڙو | سنڌ سلامت ڪتاب گهر". books.sindhsalamat.com. حاصل ڪيل 2019-07-31. 
  5. "Books Written by Kausar Buriro – Punjnud.com". www.punjnud.com. حاصل ڪيل 2019-07-31.