ڪنڍل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنڍل (عربي: سڪبينج، فارسي: سڪ، اردو: ڪندل) هڪ وڻ جو کؤنر آهي، جنھن جو رنگ ۽ بوءِ هنڱ جئان آهن.

طب[سنواريو]

خاصيت: هي بيروني طور کل جي سطح صاف ڪندڙ، جاذب Desiccant سوڄ کي نيسائيندڙ ۽ سور وڃائيندڙ آهي. خنازير (Scropula) لاءِ سرڪي ۾ گڏي ليپ ڪجي ٿو. هن سان گرمي ۽ لطافت پيدا ٿئي ٿي. اندروني طور، بلغمي مادي کي دستن رستي خارج ڪندڙ آهي. ۽ ٻين جلابن جي اصلاح ڪندڙ بيان ڪيل آهي. هن سان پيٽ جا ڪينئان مري وڃن ٿا. مرگهي، اڌ رنگ، سنڌن جي سور ۽ جلندر لاءِ اندران ٻاهران ڪتب ايندڙ آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.