ڪنٺ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪنٺ (Kanth)جي معنيٰ ڪپر، ڪنارو، يا ڪنڌي آهي. هڪ ڪنٺ جي پھرين ۽ آخري سٽ ڪناري وارو ڪردار ادا ڪن ٿيون. ڪنٺ 9 سٽن تي نظم جي فارميٽ ۾ لکيو وڃي ٿو. هن ۾ هڪ موضوع هوندو آهي. ان ئي موضوع جو هڪ لفظ عنوان طور اچڻ ضروري آهي. ڪنٺ جي ٻين سٽ اٺين سٽ جي هم قافيہ، جڏهن تہ ڪنٺ جي چوٿين ۽ پنجين سٽ پاڻ ۾ هم قافيہ هونديون آهن ۽ ٽين سٽ ستين نمبر تي ورجاءَ طور ڪتب اچي ٿي ۽ ڇھين سٽ سان هم قافيه ٿي ڪم ايندي آهي. جڏهن تہ آخري سٽ پھرين سٽ سان قافيو ملائي ڪنٺ مڪمل ڪندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.