ڪم ڪم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪم ڪم :(Kum Kum):

ڪم ڪم ڀارت ۾ ھڪ پائوڊر جو نالو آهي جيڪو ھيڊ ۽ زعفران مان ٺاھيو ويندو آهي ۽ رنگ برنگي ھوندو آھي جنھن جو استعمال سماجي مذھبي رسمن۽ موقعن ۾ عام جام ٿيندو آھي. ھندو ڌرم جا ماڻھو ان جو استعمال مختلف طريقن سان ڪندا آھن . عام طور تي شادي شده عورتون سندور جيان ان کي سينڌ ۾ وجھنديون، ان جو استعمال پوڄا پاٺ ۾ بہ ٿيندو آهي. ان کي نرڙ تي بہ لڳايو ويندو آهي. ھولي ۾ پڻ ھن پائوڊر جو استعمال گھڻو ٿيندو آهي.