ڪمرنگو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪمرنگو
ڪمرنگو وڻ
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): اويرھوئا
جنس: Template:Taxonomy/اويرھوئا{. ڪئرامبولا
حياتياتي نالو
اويرھوئا ڪئرامبولا
ڪارل لينيوئس


ڪمرنگو(انگريزي: Carambola ) هڪڙو ننڍو وڻ، ويهن فوٽن جيڏو آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي. پنن جي ڪري تمام خوبصورت آهي، خاص ڪري جڏهن ٻُور ڪري ٿو ۽ ننڍن گلابي رنگ جي گلن جا ڇڳا جهلي ٿو. ڊاڪٽر ”بروس“ ته لکي ٿو ته ”هن جي پنن توڙي ٽارين ۾، شرم ٻوٽڙي جهڙو اثر رهي ٿو، يعني ته اهي هٿ لائڻ سان ڪومائجي وڃن ٿا. هن جو ميوو به تمام سهڻو ٿو ٿئي. ليمي جيڏو ٿو ٿئي ۽ ٻاهران اُٿيل ڦاڪون، يا کنڀن جهڙا پردا بيٺل ٿينس ٿا. پهرين هي سائو آهي، جڏهن تمام پچي ٿو. تڏهن عنبر جهڙو رنگ ٿو ٿئيس ۽ شيشي وانگي آرپار ڏسڻ جهڙو ٿئي ٿو. پڪي کانپوءِ بهي جهڙي خوشبوءِ ٿئيس ٿي. انهيءَ هوندي به کٽو اهڙو ٿو ٿئي، جو ڪچو کائڻ جو ناهي. رڌڻ سان به خراب ٿيو وڃي. باقي ڳر ڪڍي، انهيءَ مان مزي جهڙي جيلي يا پَتِ ٺاهي سگهجي ٿي. ميوو سيپٽمبر جي پڇاڙيءَ ڌاري پچي ٿو. انهيءَ وقت کان ٿورو پوءِ وڻ ۾ وري ٻور پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان جنوريءَ ۾ ٻيو ڀيرو ڦر لهي ٿو. اهو وڻ ٻج مان پيدا ٿئي ٿو. هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي چيني ڪمرنگا چون ٿا. اهو هن کان ننڍو ٿو ٿئي. ٻيو به هڪڙو قسم آهي جنهن کي بِلمبي چون ٿا، جو دکن ۾ عام آهي. هن جي کل لسي ۽ چمڪندڙ ٿئي ٿي. بعضي ڪمرنگي کي سنڌيءَ ۾ کٽونبڙو به چوندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو