مواد ڏانھن هلو

ڪلرڪھار

بيھڪ: 32°47′N 72°42′E / 32.783°N 72.700°E / 32.783; 72.700
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪلر ڪھار
Kallar Kahar
كلّر كہار
ڪلر ڪھار ڍنڍ جو خوبصورت نظارو
ڪلر ڪھار ڍنڍ جو خوبصورت نظارو
ڪلر ڪھار Kallar Kahar is located in Pakistan
ڪلر ڪھار Kallar Kahar
ڪلر ڪھار
Kallar Kahar
پاڪستان جي نقشي ۾ ڪلر ڪھار جو مقام
جاگرافي بيهڪ: 32°47′N 72°42′E / 32.783°N 72.700°E / 32.783; 72.700
ملڪ  پاڪستان
صوبو پنجاب
ضلعو چڪوال
تعلقو ڪلرڪھار تعلقو

ڪلر ڪھار (Kallar Kahar) پاڪستان جي صوبي پنجاب جي ضلعي چڪوال جو ھڪ شھر ۽ ساڳي نالي سان تعلقي جو صدر مقام آهي.[1] ھي شھر ھڪ خوبصورت علائقي ۾ واقع آهي جتي لوڪاٽ (loquat) جي وڻن وارا قدرتي باغ، مورن جي مختلف جنسن سان کاري پاڻي جي ڍنڍ واقع آھن. لاھور کان اسلام آباد ڏانهن سفر ڪندڙ مسافر ان ڍنڍ وٽ ساھي پٽي جي خوبصورتي جو مزو وٺندا آهن.

ھن علائقي جو مغل شھنشاھه، بابر پنھجي يادگيرين "تزڪ بابري" ۾ "خوشگوار ھوائن وارو پرڪشش ھنڌ" جي لفظن ۾ ڪيو آهي.[2] ھن شھر ۾ پاڪستان ايئر فورس جي ٽريننگ ڏيڻ واري اسپيشل سروس ونگ واقع آهي. ھي شھر ھڪ سياحتي مرڪز آهي،[3] جيڪو چڪوال جي ڏکڻ-اولھه ۾ 3 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي اسلام آباد-لاھور موٽر وي يا ايم 2، موٽر وي، پاڪستان تي واقع آهي. ھتي لوڪاٽ، ناشپتي ۽ ڏاڙھون جا باغ واقع آھن.[4][5] [6]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]
  1. Tehsils & Unions in the District of Chakwal آرڪائيو ڪيا ويا 2008-01-24 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  2. Salman Rashid, The Salt Range and the Potohar Plateau, Sang-e-Meel Publications, 2001, ISBN 978-969-35-1257-1, ... Babur tarried beside 'densely growing corn' in the vicinity of Kallar Kahar Lake and promptly fell in love with this 'charming place with good air.' The lake, he writes in his memoir ... 
  3. Tehsils & Unions in the District of Chakwal
  4. Kallar Kahar - Beautiful Tourist Destination of Pakistan - کَلر کہار٬ پاکستان کا خوبصورت سیاحتی مقام
  5. Kallar Kahar
  6. پاکستان کاحسن کلر کہار – Urdu Falak, وقت 2014-06-01 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2018-11-18