ڪشنداس چندرا آڏواڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

نامياري ليکڪا ۽ ڪھاڻيڪارا چندرا ڪشنداس آڏواڻيءَ جو جنم 20 ڊسمبر 1920ء تي حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو، بي اي تائين تعليم حاصل ڪيائين، سندس ڪيترائي مضمون ۽ ڪھاڻيون مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”پريم جيون“ (1946ء)، ”شيشا“ (1949ء) ، ”راجپوتي رنگين محل“ ٻه ڀاڱا (1966ء) شامل آھن. ھن آر. ڊي نئشنل ڪاليج بمبئيءَ ۾ پڻ پنھنجون خدمتون انجام ڏنيون.[1]