ڪرہ ٽنڊڻي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪره ٽنڊڻي (ٻيا نالا: عربي: ذراريح، فارسي: مورسياه، ھندي، اردو: تيلق، فلمو، الاڪلنگ ۽ مارسان) ڳاڙهي ڪاري رنگ تي ننڍي ٽنڊڻ جيڏو هڪ جيت آهي، جيڪو سخت زهردار ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

خاصيت: هن کي جهلي ڪـپڙيءَ ۾ وجهي باھ ڏجي، پوءِ هن جي خاڪ ماکيءَ ۾ ملائي کارائجي تہ ٻرهل کي ڪپي دستن جي رستي ٻاهر ڪڍندي، حيض کي جاري ڪري ٿي، گڙدن ۽ مثاني جي پٿريءَ کي ذرا ذرا ڪري ٻاهر ڪڍي ٿي، ڇتي ڪتي جي کاڌل لاءِ ترياق آهي، اها خاڪ ترن جي تيل ۾ گڏي ناسورن، ڦٽن ۽ ڦرڙين تي مرهم ڪري مکبو تہ فائدو ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.