ڪريما مختيار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪريما مختيار
پيدائش آيت محمود البدري
16 جنوري 1934(1934-01-16)
اسيوط، مصر
وفات 12 جنوري 2017 (عمر 82 سال)
قاهره، مصر
پيشو اداڪارہ
جيون ساٿي نور الدمرداش
ٻار ٻچا 1

ڪريما مختيار (انگريزي: Karima Mokhtar) يا آيت محمود البدري؛ 16 جنوري 1934ع تي پيدا ٿيندڙ مصري اسٽيج، ٽيليويزن ۽ فلمي اداڪارہ ھئي. ھن جي فني زندگي 50 سالن تي محيط آھي، ۽ ھن کي ”مصري سينيما جي ماءُ“ ڪري ياد ڪيو ويندو آھي.[1]

زندگي[سنواريو]

ڪريما اسيوط شھر ۾ پيدا ٿي ۽ بيچلر جي سند ڊرامٽڪ آرٽس ۾ حاصل ڪئي. ھن ايڪٽر ۽ ڊاريڪٽر نور الدمرداش سان شادي ڪئي. جنھن مان ھڪ پٽ معتز الديمرداش آھي جيڪو ٽيليويزن پرزينٽر آھي. ھن پنھنجي زندگي جي شروعات بابا شرو نالي ريڊيو جي ھڪ پروگرام تان ڪئي ۽ ساڳي وقت ھن مشھور اداڪار صالح ذوالفقار سان سيون ليٽرس (Seven Letters) نالي سيريز ۾ ڪم پڻ ڪيو. ھن جي فني زندگي 50 سالن تي محيط ھئي.[2] [3][4]

مڃيتا ايوارڊ[سنواريو]

ھن فني خدمتن سبب ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز کٽيا. 2007ع ۾ قاھرہ ميڊيا فيسٽيول ۾ ھن کي بھترين ٽيليويزن اداڪارہ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو.[5] 16 جنوري 2023ع تي ڪريما جي جنم ڏڻ جي موقعي تي گوگل پاران گوگل ڊوڊل جاري ڪيو ويو.[6]

حوالا[سنواريو]