ڪريات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪريات: نالا: هندي - مهاٽيٽا، سنسڪرت - ڪالميگهه، بنگالي - ڪريات، انگريزي- ڪريٽ (Creat) لاطيني - (Andegvathis Paniculata). سڃاڻپ: هڪڙو ٻوٽو آهي، جو باغن ۾ لڳايو وڃي ٿو. هن جا پن ۽ پاڙ دوا ۾ ڪتب اچن ٿا. ذائقي ۾ سخت ڪوڙو هوندو آهي. پيدائش: لکنو کان آسام تائين ميداني علائقن ۾ ٿئي ٿو.

طب[سنواريو]

خاصيت: هي معدي کي طاقت ڏيندڙ معتدل (آلٽريٽيو Altertive) پيٽ جا ڪينئان ماريندڙ ۽ ڪونين جو بدل آهي. مگر جديد تحقيق موجب مليريا لاءِ ڪو خاص فائدو نٿو ڏيکاري. هن جي پنن جي رس ٻاراڻي پيٽ آڦريءَ ۽ دستن لاءِ گهرو علاج آهي. هن جي گهاٽي رٻ (Liquid Extract) تيار ڪئي وڃي ٿي، جا نوبتي بخارن لاءِ عرق سم الفار سان ۽ جگر جي بيمارين ۾ نوشادر سان ننڍي چمچي جي انداز ۾ ڏني ويندي آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو