ڪرملي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرملي (عربي: حاشيش، اردو: حسن يوسف، هندي: تخم ڪرملي) خشخاش کان بہ ننڍا ۽ سخت داڻا ٿيندا آهن، رنگ ۾ اڇا ۽ ذائقي ۾ تکا ۽ ڦڪا ٿين ٿا.

طب[سنواريو]

گرم خشڪ 4 درجي ۾

هي گهڻو ڪري منهن جي صفائي ۽ داغن مٽائڻ لاءِ ٻاهران ڪتب اچن ٿا. اندروني طور اُلٽي آڻيندڙ آهن. 3 ماسن جي مقدار ۾ موت آڻين ٿا. جيڪڏهن غلطي کان ڪو کائي وجهي ته جون جو ڪش يا لسي برف سان سرد ڪري پيارجي. زيتون جي تيل سان سوڄ نيسائيندڙ آهن. آنڊن جي سوڄ (ورم امعا Enteritis) لاءِ ڊاک سان مفيد آهن. هڪ رتي جي انداز ۾ روزانو صبح جو پاڻي سان وٺجن ته خوني بواسير کان جند ڇٽي ٿي. هنن جي کائڻ سان ٿورو نشو پيدا ٿئي ٿو. (زهر قاتل)[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، حيدرآباد، سنڌ.