ڪرمرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪرمرو (بنگالي: ڪرمچا، گجراتي: ڪرندا، سنسڪرت: ڪرمرو، مرهٽي: ڪروند، انگريزي: Corinda) هڪڙي ڪنڊن واري وڻ جو ڦر آهي، جو عناب ۽ ٻير وانگي ٿئي ٿو ۽ ڇڳن جي حالت ۾ هوندو آهي. سندس وڻ جا پن چوڙا ۽ چڪنا ٿيندا آهن.[1]

طب[سنواريو]

پيدائش: يو پي، (انڊيا).

خاصيت: هي اڃ هٽائيندڙ، هاضمو ۽ بک وڌائيندڙ آهي. صفرا جي جوش ۽ پياس ۾ تسڪين آڻي ٿو. قوت باھ لاءِ نقصانڪار ۽ بادي ٿئي ٿو. هن مان تيار ڪيل مربو ۽ آچار لذيذ هئڻ کان علاوه مفيد ٿئي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.