ڪانگو گهوٽالو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

ڪانگو گهوٽالو يا ڪانگو ڪرائسز (Congo Crisis) اصل ۾ ائين شروع ٿيو جو بيلجيم 1960ع ۾ پنهنجي بيٺڪ ڪانگو کي آزادي ڏني، پر آزاديءَ وقت ملڪ ۾ اهڙن لائق ماڻهن جي کوٽ هئي، جيڪي حڪومت جون واڳون سنڀالي اُن جو ڪاروهنوار هلائي سگهن. ان منجهيل صورتحال پٺيان بيلجيم جي سازش پڻ هئي، جنهن ڪانگو کي آزادي ڏيڻ کانپوءِ به ان تي پنهنجو سياسي اثر برقرار رکڻ ٿي گهريو. سندس سازش هُئي ته ڪانگو جيترو ڪمزور هوندو، مٿس بيلجيم جو اثر اوترو مضبوط هوندو. ان انڌ ڌنڌ واري ماحول ۾ پارليامينٽ جون چونڊون ڪرايون ويون، جن ۾ ڪابه هڪ سياسي جماعت گهڻائي (اڪثريت) حاصل نه ڪري سگهي، پر پئٽرس لوممبا جي ترقي پسند خيالن واري جماعت مضبوط ڌُر طور اڀري آئي. اُن موقعي تي ملڪي سياسي جماعتن جي وچ ۾ حڪومت ٺاهڻ تان اڻبڻت پيدا ٿي پئي. لوممبا جولاءِ 1960ع ۾ گڏيل قومن جي اداري کي مدد ڪرڻ جي درخواست سان گڏ بيلجيم کان پنهنجون فوجون ڪانگو مان واپس گهرائڻ جي گهر ڪئي. بيلجم ۽ آمريڪا ان گهُر تي ڌيان نه ڏنو. 13 جولاءِ 1960ع تي سوويت يونين اعلان ڪيو ته بيلجيم ۽ ٻيون اولهه جون سگهاريون ڌريون ڪانگو جي ڦرلٽ ڪري رهيون آهن، جنهن جا خراب نتيجا نڪري سگهن ٿا. ان چتاءَ کان پوءِ وڏي گهوٽالي جنم ورتو، جيڪو 1966ع تائين ڇهه ورهيه جاري رهيو. ان گهوٽالي جو خاتمو صدر جوزف موپُوتو طرفان اقتدار تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ٿيو. اِن گهوٽالي ۾ ڪانگو جي چونڊيل عوامي اڳواڻ پيٽرس لوممبا سميت هڪ لک ماڻهو موت جي بک بڻيا. جڏهن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل همرشولڊ جو پڻ ان علائقي ۾ جهاز ڪرڻ سبب موت ٿيو. همرشولڊ تڪراري ڌُرين ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ ان علائقي ڏانهن ويو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد