ڪالئائڊ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
کير ھڪ پاڻياٺي ڪالئائڊ آھي جنھن ۾ مکڻ واري چرٻي جا ننڍڙا گولڙا پاڻي واري محلول ۾ ڦھليل ھوندا آھن.

ڪالئائڊ(انگريزي: Colloid) علم ڪيميا يا ڪيمسٽري ۾ ھڪ مرڪب جو نالو آهي. خوردبيني تي نظر ايندڙ ذرڙن جي مختلف قلمي مادن جي مرڪب(mixture) کي ڪالئائڊ چوندا آهن. اھو مرڪب اڪثر پاڻياٺ وارو ھوندو آھي.[1] محلول يا سوليوشن واري مرڪب ۾ مختلف مادن جا ذرا ھڪٻئي سان ملي حل ٿي ويندا آهن. سسپينشن واري مرڪب ۾ مادن جا ذرا وڏا ٿيندا آھن ۽ مادن جا قلم مرڪب ۾ برقرار رھندا آھن ۽ ايترا وڏا ھوندا آھن جو انھن کي سکڻي اک سان ڏسي سگھجي ٿو، ۽ اھي سطح ۽ تري جي وچ ۾ پاڻياٺ ۾ اٿيل رھندا آھن يعني ھيٺ تري ۾ لھي نہ ايندا آهن. ڪالئائڊ م مرڪب سسپينشن وانگر ھوندو آھي پر ان ۾ مادن جا قلم اکين سان ڏسي نہ سگھبا آھن پر انھن کي ڏسڻ لاءِ عام خوردبيني جي ضرورت پوندي آهي. ڪالئائڊ مرڪب ۾ بہ ذرڙا پاڻياٺ جي سطح کان تري وچ ۾ برقرار رھن ٿا ۽ گھڻي عرصي گذرڻ بعد بہ ترو(sedimentation) نہ وٺندا آهن. ڪالئائڊ جي مرڪب ۾ ڦھليل قلمي ذرڙن جو قطر ھڪ کان ھڪ ھزار نينو ميٽرن تائين ھوندو آھي.[2] انھن قلمن مان ڪجهه اليڪٽرانڪ خوردبيني کانسواءِ ڏسي نہ ٿا سگھجن انھن م 250 نینو ميٽرن واري قطر ۽ ۽ ان کان گھٽ وارا ذرڙا شامل آهن. ھن قسم جا مرڪب سائنس جي ھڪ شاخ انٽرفيس اينڊ ڪالئائڊ سائنس جو موضوع آھن جيڪا سائنس 1845 ۾ اٽليءَ جي ڪيمسٽ فرانسسڪو سيلمي متعارف ڪرائي [3] ۽ ان جي وڌيڪ تحقيق 1861 کان اسڪاٽلينڊ جي ڪيمسٽ ٿامس گراھم ڪئي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. "Colloid". Britannica Online Encyclopedia. حاصل ڪيل 31 August 2009. 
  2. Levine, Ira N. (2001). Physical Chemistry (5th ed.). Boston: McGraw-Hill. pp. 955. ISBN 978-0-07-231808-1. 
  3. Francesco Selmi, Studi sulla dimulsione di cloruro d'argento, Nuovi Annali delle Scienze Naturali di Bologna, fasc. di agosto 1845.
  4. Graham coined the term "colloid" in 1861. See: Graham, Thomas (1861) "Liquid diffusion applied to analysis", Philosophical Transactions of the Royal Society of London, 151 : 183–224. From page 183: "As gelatine appears to be its type, it is proposed to designate substances of the class as colloids, and to speak of their peculiar form of aggregation as the colloidal condition of matter."