ڪافور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪافور اصل ۾ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي. فارسي ۾ ان کي ڪابور، ھندي ۾ ڪپور سڏين ٿا. ان جا ٻيا نالا ھرھڪ ارغول، از دودي، فربوم ۽ سياس آھن. اھو ڪنھن وڻ جو کؤنر آهي جو اڇي رنگ تي ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. هن جا ٻہ - ٽي قسم ٿين ٿا.

طبي خصوصيت[سنواريو]

ڪافور دل ۽ دماغ کي خوش ڪندڙ شيءِ آهي، رئيس عضون کي طاقت ڏئي ٿو. دق تپ، سلهہ، پاسي جي سور، جگر جي گرمي گهٽائڻ لاءِ پراڻن تپن، مٿي جي سور لاءِ مفيد آهي، هن جو مرهم ڦٽن ۽ ڦرڙين کي ڇٽائي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.