مواد ڏانھن هلو

ڪائپتي جو تيل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪائپتي جو تيل (اردو: ڪايا پٽي ڪا تيل، انگريزي: Cajuput oil) ڪائي ٻوٽيءَ جي پنن مان ڪڍيو وڃي ٿو، جنھن جي پيدائش الجزائر وغيره ۾ ٿئي ٿي. سندس تيل جاوا مان ايندو آهي. رنگ ۾ شفاف هيڊي چٽ تي ۽ ذائقي ۾ تلخ ٿئي ٿو.

طبي خاصيتون[سنواريو]

هي اندروني طور پسينو آڻيندڙ، گرمي ڪندڙ ۽ ريح وڃائيندڙ آهي. اختناق الرحم (Hysteria) ۽ تشنج (Convulsion) لاءِ پتاشي ۾ رکي ڏنو وڃي ٿو.

پيٽ جي آڦري، هڏڪي ۽ قولنج ۾ مفيد آهي. بيروني طور: کل ۾ ڦوڙو پيدا ڪندڙ آهي، تنھن ڪري سنڌن جي سور لاءِ مالش طور ڪتب اچي ٿو. بنگالي ڪبيراج (معالـج) هن کي هيٺين ريت ڪتب آڻين ٿا: روغن ڪائپتي هڪ حصو، روغن ارنڊي ٻہ حصا روغن زيتون نو حصا ملائي رکيو وڃي ٿو. هي ٻنڌين جا مڙئي آزار ۽ درد دفع ڪندڙ آهي. هي مرڪب مالش طور ڪتب اچي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.