کٿو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

کٿا:

سنڌ ۾ هيءَ چوَڻي ته مشهور آهي ته ”کٿيءَ ۾ کينءَ“ – شاھ عبداللطيف به کٿي کي گهڻو ڳايو آهي. سيءَ ۾ کٿو مارو ماڻهن لاءِ نعمت آهي. ٻهراڙيءَ وانگر سانگي ۽ مارو ماڙهو گرم ڪپڙن ۽ گرم ڪوٽن کان کٿيءَ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن،. کٿو اُنَ ڪُتي، ان مان ٺاهيندا آهن. جهڙو ٿئي مضبوط اهڙو ئي ٿئي سيءَ جو ڏاڍو. مڙس لاءِ هڪڙو کٿوئي گهڻو آهي. ڀل پيو پارو پلٽجي! ٿر جا ماڻهو ڪچهرين تي ايندا، ڪيڏي ٻاهر ويندا ته کٿو ضرور ڪلهي تي هوندن، جي سياري ۾ ڪنهن ڪچهريءَ ۾ کٿو اوڍي ويٺا ته پوءِ وڃي خير ٿيا. ڀل تارو اُڀري وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ته کٿن کان ڀريءَ جو ڪم به وٺن. اچي وين جهڙپ ۾ ته گاهه ڪري ڀري ٻڌي آڻي، مال اڳيان اڇلائيندا. کٿو گهڻو ڪري، ٿر ملڪ ۾ عام جام آهي. سنڌ جي ٻين حصن ۾ البت گهٽ استعمال ٿيندو آهي. کٿي کي جي سنڀال سان هلائجي ته ڳچ وقت هلي ٿو. رنگن جي لحاظ سان کٿا ٻن رنگن جا ٿين: هڪڙاڪارا، ٻيا اڇا ٿر ۾ ڪارو کٿو گهڻو ڪم اچي، ۽ لاڙ ۾ وري اڇي کٿي جو عام رواج آهي. انهن ٻنهي رنگن جي کٿن جي پلاندن تي اُڻڻ وارا رنگدار اوڄو رکيو ڇڏين، جنهن سان کٿي جي سونهن وڌيو وڃي. کٿو ”يڪبرو“ به ٿئي. پر گهڻون رواج 'دهر“ جو آهي.جيڪو کيس وانگر ٻن پڙن ۾ هوندو آهي. پوءِ زالون انهن پڙن کي ڳنڍڻ لاءِ وچ ۾ ڪنڊڙو يا کير هڻي ڇڏيندو آهن. ڪن کٿن کي اڄا به ٺاهه ٺوهه وارو بنائڻ لاءِ، ڪاريگر بَر تي چونڪڙيون به رکندا آهن، جنهن جي ڪري سڄي کٿي تي خانا ٺهيو بيهن. اهڙي کٿي کي ”ٻرڙي“ به سڏين. ڪي زالون وري کٿي جي پلاندن کي ٽوئرن وانگر به ٻڌن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page2.html.  Missing or empty |title= (مدد)}