کٽونبڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کٽوبڙو، ھن کي ڪمرنگو بہ چوندا آهن. هي هڪڙو ننڍو وڻ، ويهن فوٽن جيڏو آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ عام آهي. پنن جي ڪري تمام خوبصورت آهي، خاص ڪري جڏهن ٻُور ڪري ٿو ۽ ننڍن گلابي رنگ جي گلن جا ڇڳا جهلي ٿو. هن جو ميوو به تمام سهڻو ٿو ٿئي. ليمي جيڏو ٿو ٿئي ۽ ٻاهران اُٿيل ڦاڪون، يا کنڀن جهڙا پردا بيٺل ٿينس ٿا. پهرين هي سائو آهي، جڏهن تمام پچي ٿو. تڏهن عنبر جهڙو رنگ ٿو ٿئيس ۽ شيشي وانگي آرپار ڏسڻ جهڙو ٿئي ٿو. پڪي کانپوءِ بهي جهڙي خوشبوءِ ٿئيس ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو