کرني جو وڻ
کرني Manilkara Hexandra | |
---|---|
![]() | |
سائنسي درجا بندي ![]() | |
Unrecognized taxon (fix): | منلڪارا |
جنس: | Template:Taxonomy/منلڪارا{. ھيڪسانڊرا |
حياتياتي نالو | |
منلڪارا ھيڪسانڊرا وليم راڪسبرگ، مارسيل ميري مائورس ڊيوبارڊ[1] |
کرني (Manilkara) هڪڙو وڏو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڦر ڪندو آهي. ميوو ننڍيءَ ڊاک جيڏو ۽ جهڙو ٿو ٿئيس. چمڪندڙ ۽ پيلي رنگ جو آهي ۽ تمام مٺو ٿو ٿئي. منجهس کير جهڙي رس ٿي ٿئي، جنهن ڪري هندستاني ماڻهو هن کي کيرڻي سڏيندا آهن. وڻن جي پنن جو جهڳٽو تمام سهڻو ٿو ٿئي. هي ٻج مان پيدا ٿيندا آهن.[2]
کرني (Manilkara hexandra) سئپوٽائي (Sapoteae) قبيلي ۾، سئپوٽئسيا (Sapotaceae) خاندان ۾ ھڪڙو وڻ جو قسم آھي. اها ننڍي کنڊ جي گهڻي ملڪن؛ بنگلاديش، ڀارت ۽ سري لنڪا؛ هند-چين: ڪمبوڊيا، ميانمار، ٿائيلينڊ ۽ ويٽنام ۾ ٿيندو آهي. هن جا مقامي نالا علائقائي لحاظ کان مختلف آهن. مثال طور "پالو"، "پالائي" (பாலை) تامل ۾ يا "Rayan" (පලු) سنهالي ۾. اهو مقامي طور تي بنگلاديش ۽ ڀارت جي حصن ۾ کرني وڻ جي نالي سان مشهور آهي. تامل زبان ۾ ان کي الاڪاپالائي يا ڪنوپلائي سڏيو ويندو آهي.

هن وڻ جو هڪڙو قسم ولايتي آهي، جنهن مان هن تي پيوند ڪندا آهن. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ سپوتا يا نيزو بيري سڏيندا آهن. ان جو ڦر ننڍي نارنگيءَ جيڏو ٿئي ٿو. اندر ڪارا، باداميءَ جي رنگ جا، ٻج ٿا ٿينس ۽ ڀُوري رنگ جي رس واري ڳر ٿي ٿئيس. کائڻ ۾ تمام چڱو ۽ ٿڌو ٿو ٿئي. اهو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ٿو ڪري؛ هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، ٻيو فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، ڪي ننڍي قسم جا به ٿيندا آهن. هي ميوو ڪلڪتي جي آس پاس عام آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ann. Mus. Colon. Marseille ser. 3, 3:9, fig. 2. 1915 سانچو:GRIN
- ↑ 2.0 2.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.