کيرڻي (وڻ)
ڏيک
(کيرڻي(وڻ) کان چوريل)
کيرڻي سان ڀل نہ کائو.
کيرڻي | |
---|---|
سائنسي درجا بندي | |
Unrecognized taxon (fix): | مانيلڪارا |
جنس: | Template:Taxonomy/مانيلڪارا{. ھيڪسانڊرا |
حياتياتي نالو | |
مانيلڪارا ھيڪسانڊرا وليم راڪسبرگ، مارسيل ميري مائورس ڊيوبارڊ[1] |
کيرڻي' (Manilkara) هڪڙو وڏو وڻ آهي، جو هندستان جي گهڻن ڀاڱن ۾ ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڦر ڪندو آهي. ميوو ننڍيءَ ڊاک جيڏو ۽ جهڙو ٿو ٿئيس. چمڪندڙ ۽ پيلي رنگ جو آهي ۽ تمام مٺو ٿو ٿئي. منجهس کير جهڙي رس ٿي ٿئي، جنهن ڪري هندستاني ماڻهو هن کي کيرڻي سڏيندا آهن. وڻن جي پنن جو جهڳٽو تمام سهڻو ٿو ٿئي. هي ٻج مان پيدا ٿيندا آهن.[2]
هن وڻ جو هڪڙو قسم ولايتي آهي، جنهن مان هن تي پيوند ڪندا آهن. انهيءَ کي انگريزيءَ ۾ سپوتا يا نيزبيري سڏيندا آهن. ان جو ڦر ننڍي نارنگيءَ جيڏو ٿو ٿئي. اندر ڪارا، باداميءَ جي رنگ جا، ٻج ٿا ٿينس ۽ ڀُوري رنگ جي رس واري ڳر ٿي ٿئيس. کائڻ ۾ تمام چڱو ۽ ٿڌو ٿو ٿئي. اهو وڻ سال ۾ ٻه ڀيرا ڦر ٿو ڪري؛ هڪڙو ڀيرو آگسٽ ۾، ٻيو فيبروريءَ ۽ مارچ ۾، ڪي ننڍي قسم جا به ٿيندا آهن، يعني جهڙا آنا. هي ميوو ڪلڪتي جي آس پاس عام آهي.[2]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Ann. Mus. Colon. Marseille ser. 3, 3:9, fig. 2. 1915 سانچو:GRIN
- ↑ 2.0 2.1 ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن: 1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.