مواد ڏانھن هلو

ڦٽڪي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦٽڪي (عربي: زاج ابيض، فارسي: زاڪ سفيد، هندي/اردو وغيره: ڦٽڪڙي، زمہ، زامھج، امرت ڪاسٽي ۽ اوتلڪو) اڇي بلوري رنگ تي، تيز ذائقي واري ٿيندي آهي. هن جا ٻہ ٽي قسم ٿين ٿا. (هڪ ڳاڙهي ٻي ڪاري ۽ ٽي سبز) جبل جي پيدائش آهي.

اثر: گرم خشڪ، نقصان:___-، ميل: ___-، عيوض: نوشادر، وزن: ٻن کان چار رتيون.

خاصيت: هن کي پاڻيءَ ۾ پسائي گرڙيون ڪرائجن تہ وات جي بدبوءِ ۽ ڦٽن ۽ ڦرڙين کي فائدو ڪري، ڏندن جو سور لاهي، ڏندن ۽ مھارن کي مضبوط ڪري. اکين جي ڦلي، خارش ۽ اُٿيل اکين لاءِ اهو پاڻي اک ۾ وجهجي. هن کي ڦلائي مکڻ ۾ گڏي مرهم ٺاهجي، اهو مرهم نواسير، مقعد جي ڦٽن، موڪن لاءِ مفيد آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.