مواد ڏانھن هلو

ڦاروا يا فالسا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڦاروا يا فالسا
Flowers and leaves
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Grewia
جنس: Template:Taxonomy/Grewia{. asiatica
حياتياتي نالو
Grewia asiatica
L.

ڦاروا (انگريزي: Grewia asiatica؛ اردو:فالسا)، گلن واري ٻوٽن جو ھڪڙو قسم آھي جيڪو خاندان مالوئسي کان تعلق رکي ٿو.[2] [3] هڪ ٻيو ٻوٽو، گريويا سيلٽيڊيفوليا (Grewia celtidifolia) شروعاتي طور تي ڦاروا جي ٻوٽن جي ھڪڙي قسم کي سمجھيو ويندو ھو، پر ھاڻي ھڪ الڳ نسل طور سڃاتو وڃي ٿو.

اھا ھڪ جهاڙي يا ننڍڙو وڻ آھي جيڪو 8 ميٽر ڊگھو ٿئي ٿو. پن گول، 5-18 سينٽي ڊگها ۽ ويڪرو، 1-1.5 سينٽي ميٽر هوندو آهي. ٻوٽا ڪيترن ئي جهنڊ ۾ پيدا ٿين ٿا، انفرادي گل اٽڪل 2 سينٽي قطر جا، جن ۾ پنج وڏا (12 ملي ميٽر) سيپل ۽ پنج ننڍا (4-5 ملي ميٽر) پيٽل هوندا آهن، پيلا ٿين ٿا. ميوو، جن کي به ڦاروا چيو ويندو آهي، کائڻ لائق ڊروپ 5-12 ملي ميٽر قطر جو آهي، پڪي ٿيڻ تي واڱڻائي کان ڪارو ٿئي ٿو.[4]

ڦاروا کي فارسيءَ توڙي هندستانيءَ ۾ فالسه چوندا آهن. هي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿيندا آهن. هي ٻيرن وانگي ککڙن وارن ميون مان آهن، مگر قد ۾ ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن. رنگ جا ڪارا ٿين ٿا ۽ کائڻ ۾ کٽا ٿين ٿا. لوڻ لائي ڪچا کائيندا اٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن کٽاڻ لاءِ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهن مان شربت به جوڙيندا آهن.اڪثر گرميءَ وارن مهينن ۾ ٿيندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٻج پوکيندا آهن، مگر قلمن مان به ٿين ٿا. ڪي ڪي وڻ ته قد ۾ سورهن فوٽن تائين هلن ٿا. زمين مٺي ۽ چڱي هئڻ گهرجي نه ته وڌيڪ کٽا ٿيندا.[5]

  • نالا: ڦاروا، اردو فالسه، هندي: پهالسه، فارسي: پالسا ۽ پيروڪ.
  • اثر: سرد خشڪ
  • نقصان: سرد مزاجن لاء
  • ميل: گلقند، وزن: ٻه تولا
  • سڃاڻپ: ڪاري رنگ جا گول ۽ کٽا داڻا ٿيندا آهن.
  • خاصيت: دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، صفرا جو تپ، رت جو جوش، الٽي، دست، هڏڪي، جگر جي گرمي ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽائڻ ۽ هٽائڻ لاءِ مفيد آهن. هن وڻ جي پاڙن ۽ ڦارؤن کي گڏي شربت ڪري پياربو ته مثاني جي ڦٽ، سوزش، ۽ پيشاب جي ساڙي، سيني ۽ معدي جي حرارت کي فائدو ڪندو.[6]

گيلري

[سنواريو]

پڻ ڏسو

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. Botanic Gardens Conservation International (BGCI).; IUCN SSC Global Tree Specialist Group (2019). "Grewia asiatica". IUCN Red List of Threatened Species 2019: e.T147027384A147027386. doi:10.2305/IUCN.UK.2019-2.RLTS.T147027384A147027386.en. https://www.iucnredlist.org/species/147027384/147027386. Retrieved 20 November 2021. 
  2. Flora of India Grewia asiatica
  3. Pacific Island Ecosystems at Risk: Grewia asiatica
  4. Flora of Western Australia: Grewia asiatica آرڪائيو ڪيا ويا 2007-09-01 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
  5. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.
  6. ڪتاب: فرھنگ جعفري، ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو.