مواد ڏانھن ٽپ ڏيو

ڪاريون ٻيريون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
A basket of wild blackberries

Blackberry
Ripe, ripening, and unripe blackberries,
of an unidentified blackberry species

Blackberry flower, Rubus fruticosus species aggregate

سائنسي درجا بندي
ڪنگڊم: Plantae
(unranked): Angiosperms
(unranked): Eudicots
(unranked): Rosids
ترتيب: Rosales
خاندان: Rosaceae
نسل: Rubus
ذيلي نسل: Rubus (formerly Eubatus)
Species

And hundreds more microspecies
(the subgenus also includes the dewberries)

Raindrop on blackberry pale pink flower

ڦاروا__Blackberry هنن کي فارسيءَ توڙي هندستانيءَ ۾ فالسه چوندا آهن. هي هندستان جي سڀني ڀاڱن ۾ ٿيندا آهن. هي ٻيرن وانگي ککڙن وارن ميون مان آهن، مگر قد ۾ ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آهن. رنگ جا ڪارا ٿين ٿا ۽ کائڻ ۾ کٽا ٿين ٿا. لوڻ لائي ڪچا کائيندا اٿن ۽ ڪڏهن ڪڏهن کٽاڻ لاءِ ڀاڄيءَ يا ٻوڙ ۾ يا آچار ۾ ڪم آڻيندا آهن. انهن مان شربت به جوڙيندا آهن.اڪثر گرميءَ وارن مهينن ۾ ٿيندا آهن. سانوڻ جي موسم ۾ ٻج پوکيندا آهن، مگر قلمن مان به ٿين ٿا. ڪي ڪي وڻ ته قد ۾ سورهن فوٽن تائين هلن ٿا. زمين مٺي ۽ چڱي هئڻ گهرجي نه ته وڌيڪ کٽا ٿيندا.[1]

طب[سنواريو]

ڦاروا: نالا: ع. فالسه، ف. پهالسه، هه. وغيره___ پالسا ۽ پيروڪ. اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: سرد مزاجن کي، ميل: گلقند، وزن: ٻه تولا. سڃاڻپ: ڪاري رنگ جا گول ۽ کٽا داڻا ٿيندا آهن. خاصيت: دل، دماغ ۽ جگر کي طاقت ڏين ٿا، صفرا جو تپ، رت جو جوش، الٽي، دست، هڏڪي، جگر جي گرمي ۽ گهڻي اُڃ کي گهٽائڻ ۽ هٽائڻ لاءِ مفيد آهن. هن وڻ جي پاڙن ۽ ڦارؤن کي گڏي شربت ڪري پياربو ته مثاني جي ڦٽ، سوزش، ۽ پيشاب جي ساڙي، سيني ۽ معدي جي حرارت کي فائدو ڪندو.[2]،


حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو
  2. ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو