ڏاکڻ اوڀر جي ايشيائي قومن جي تنظيم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڏاکڻ اوڀر ايشيائي قومن جي تنظيم (Ddhakkhann Obhar Aishyaai Qaomin Jee Tanzeem) يا ايسوسئيشن آف سائوٿ ايسٽ ايشين نيشنس (Association of Southeast Asian Nation ASEAN) جي هيءَ تنظيم 8 آگسٽ 1967ع ۾ وجود ۾ آئي. انهيءَ علائقائي تنظيم جو بنيادي مقصد ميمبر ملڪن ۾ اقتصادي خوشحالي آڻڻ، سندن وچ ۾ ثقافتي سهڪار وڌائڻ ۽ سندن تڪرار نبيري امن ڀريو ماحول پيدا ڪرڻ آهي. شروع ۾ صرف ٿائلينڊ، ملائيشيا، سنگاپور، انڊونيشيا ۽ فلپينس ان جا ميمبر هئا، پر هاڻي برونائي، برما، ڪمبوڊيا، لائوس ۽ ويٽنام سميت ان جا 10 ميمبر آهن. هيءَ تنظيم 4.49 ملين ڪلوميٽرن تي پکڙيل ملڪن ۽ 60 ڪروڙ آباديءَ تي ٻڌل آهي. ان جو هيڊڪوارٽر انڊونيشيا جي گاديءَ جي هنڌ جڪارتا ۾ آهي.[1]


حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد