ڏاهي طاقت

کليل ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، وڪيپيڊيا مان
ڏانھن ٽپ ڏيو: رھنمائي, ڳولا

ڏاهي طاقت يا سمارٽ پاور (انگريزي ٻولي: Smart Power) عالمي سياست جي مشهور ساڃاه وند ”جوزف ناءِ“ طرفان استعمال ٿيندڙ اصطلاح آهي، جيڪو ڪنهن به ملڪ جي اهڙي صلاحيت جي سڃاڻپ ڪري ٿو، جنهن ذريعي اهو ملڪ اڳرائي پسند ۽ امن پسند پاليسين جي ايڪي سبب، پنهنجا قومي مفاد ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿئي. ”ڏاهپ ڀري طاقت“ ڪامياب سفارتڪاري، پوئواري، ملڪي داخلي اوسر قومي سگهه ۽ اثر جي استعمال کي جائز نموني سياسي ۽ سماجي دانائيءَ سان سلهاڙي، ڪيل ڪٿ موجب نتيجا حاصل ڪرڻ جي حڪمت عمليءَ کي چئبو آهي. اهڙي حاصلات فوجي ۽ سفارتي وسيلن جي مناسب استعمال سان ٿيڻ جوڳي ٿيئ ٿي. هي اصطلاح آمريڪي صدر جارج ’بش جونيئر‘ جي 2003ع ۾ عراق ۾ ڪيل دخل اندازيءَ کان پوءِ مليل نتيجن بابت تنقيدي تبصرن ۾ ڪم آيو. ان جي وسيلي ڪنهن هڪ رياست جي پنهنجي منهن فيصلو ڪرڻ واري ورتاءَ کي رد ڪندي، بين الاقوامي ادارن ذريعي عالمي بحران حل ڪرڻ واري ارادي جي حمايت ڪئي وئي. ”ڏاهپ ڀري طاقت“ کي صفا لِڳڙي قومي پاليسيءَ جي بدل طور به مڃيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو رڳو جمهوريت جورٽو لڳائڻ وارو ملڪ به عالمي منظرنامي ۾ ڪاميابي نٿو ماڻي سگهي. هي اصطلاح پهريون دفعو ناليواري اسڪالر ”سوزاني ناسيل“ (Suzanne Nossel) جي لکيل مضمون Smart Power ۾ استعمال ٿيو، جيڪو 2004ع ۾ مشهور تحقيقي رسالي ”فارين افيئرس“ ۾ ڇپيو. اصطلاح جو استعمال آمريڪي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن پنهنجي عهدي لاءِ گهربل سينيٽ طرفان پڪ ڪرائڻ جي موقعي تي ڪيل تقرير (12 جنوري 2009ع) ۾ پڻ ورجائي ورجائي ڪيو هو.[1]

حوالا[سنواريو]