ڌڙڪو
ڏيک
ڌڙڪو |
---|
ڌڙڪو (Palpitations) يا اختلاج يا ڌل جو ڌڙڪو اھڙي حالت کي چئبو آهي جنھن ۾ دل تيزيءَ سان ھلندي آھي ۽ ڪو ڪو ڌڪ ڇڏي ويندي آهي. ان ڌڙڪي کي سيني ۽ ڳچي ۾ باقاعده محسوس ڪبو آھي. اڪثر ڌڙڪو ذھني دٻاءُ (stress)، ذھني پريشاني (anxiety)، ڪيفين (caffeine)، نڪوٽين (nicotine) يا شراب (alcohol) جي ڪثرت سان استعمال جي ڪري ٿيندو آهي. پيٽ سان عورتن ۾ بہ اھا حالت ٿيندي آهي. ڪڏھن ڪڏھن ڌڙڪو دل جي نازڪ حالت جي علامت بہ ھوندو آھي، تنھن ڪري ڌڙڪي جي حالت ۾ ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ ھڪ مناسب عمل ھوندو آھي خاص طور تي ان وقت جڏهن ڌڙڪي سان گڏ سھڪو، مٿي کي چڪر، سيني ۾ سور، مدھوشي پڻ محسوس ٿئي.[1]