مواد ڏانھن هلو

ڊمبرٽن اوڪس ڪانفرنس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڊمبرٽن اوڪس ڪانفرنس (Dumbarton Oaks Conference) آمريڪا جي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ 21 آگسٽ کان 7 آڪٽوبر 1944ع تائين آمريڪي انڊر سيڪريٽري، ايڊورڊ ريلي اسٽيٽينس جي صدارت ۾ ٿي. اِن ڪانفرنس جو بنيادي مقصد گڏيل قومن جي اداري جي بنيادي جوڙجڪ ۽ مقصدن تي بحث ڪرڻ هو. ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ سوويت يونين بدران چين شرڪت ڪئي. اِن ڪانفرنس ۾ ٻين مھاڀاري جنگ کان پوءِ جي صورتحال ۾ دنيا جي ملڪن جي وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪو گڏيل طريقيڪار ٺاهڻ ۽ هڪ اهڙي سلامتي جي اداري جي قيام بابت ويچاريو ويو، جيڪو "قومن جي سنٻنڌ" (League of Nations) جي ناڪاميءَ کي نظر ۾ رکندي، گڏيل سلامتيءَ بابت جوڳي ضمانت ڏيئي سگهي. هن جي نتيجي ۾ ڪانفرنس کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جهڙو ادارو جوڙڻ ۾ مدد ملي. هن ڪانفرنس ۾ طئي ڪيل تجويزن جي مسودي ۾ ٿورڙي ڦيرڦار ڪري، سال 1945ع ۾ سان فرانسسڪو ۾ ڪانفرنس جو هڪ خاڪو پيش ڪيو، جنهن ۾ گڏيل قومن جو بنيادي چارٽر جوڙيو ويو. ان لحاظ کان هن ڪانفرنس جو گڏيل قومن وارو ادارو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]