ڊزني لينڊ
ڊزني لينڊ پارڪ Disneyland Park | ||
|---|---|---|
ٿيم پارڪ | ||
ڊزني لينڊ جو داخلو | ||
| ||
| ملڪ | ||
| رياست | ڪيليفورنيا | |
| شهر | اينئهائيم | |
| جاگرافيائي بيهڪ | 33.8121972222222N 117.918983333333W | |
| مالڪ | ڊزني لينڊ انٽرپرائيز دي والٽ ڊزني ڪمپني | |
| ساليانو سياح | 757 ملين (2023ع) [1] | |
| ويب سائيٽ | disneyland.disney.go.com | |
| افتتاح جي تاريخ | 17 جولائي، 1955ع | |
| حصو | ڊزني لينڊ ريزورٽ | |
| بنياد رکندڙ | والٽ ڊزني | |
| ايراضي | ||
| • ڪل | 34 ha (84 ايڪڙ) | |
ڊزني لينڊ (Disneyland) آمريڪا جي رياست، ڪيليفورنيا جي شهر اناهيم ۾ ڊزني لينڊ ريسارٽ ۾ هڪ ٿيم پارڪ آهي. اهو والٽ ڊزني ڪمپني پاران کوليو ويو پهريون ٿيم پارڪ هو ۽ والٽ ڊزني جي سڌي نگراني هيٺ ٺهيل ۽ تعمير ڪيل واحد پارڪ هو، جيڪو 17 جولاءِ 1955 تي کوليو ويو.[2]
ڊزني شروعات ۾، مداحن، جيڪا گهمڻ چاهيندا هئا، کي تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ، بربنڪ ۾ پنهنجي اسٽوڊيوز جي ڀرسان هڪ سياحتي ڪشش جي ماڳ جو تصور ڪيو هو. بهرحال، هن کي جلد ئي احساس ٿيو ته، تجويز ڪيل جاء، جيڪي هن وٽ هئي، هن جي منصوبي لاءِ تمام ننڍي آهي. پنهنجي منصوبي لاءِ هڪ مناسب جاء جو تعين ڪرڻ لاء مطالعي لاء، اسٽينفورڊ ريسرچ انسٽيٽيوٽ کي ڀرتي ڪرڻ کان پوءِ، ڊزني 1953ع ۾ اناهيم جي ويجهو هڪ 160 ايڪڙ (65 هيڪٽر) جي زمين جي خريد ڪئي. پارڪ هڪ تخليقي ٽيم پاران ڊزائين ڪيو ويو هو. اندروني ۽ ٻاهرين ڊيزائنون والٽ پاڻ چونڊيو هو. انهن "WED انٽرپرائزز"، اڄ جي "والٽ ڊزني اميجينيشن" جو اڳوڻو، جي نالي سان هڪ ڪمپني قائم ڪيو. تعمير 1954ع ۾ شروع ٿي ۽ پارڪ کي، 17 جولاءِ 1955ع تي "ABC ٽيليويزن نيٽ ورڪ" تي هڪ خاص ٽيليويزن پريس تقريب دوران ظاهر ڪيو ويو. ان جي افتتاح کان وٺي ڊزني لينڊ ۾ ڪيتريون ئي توسيع ۽ وڏيون مرمتون ڪيون ويون آهن. جن ۾ سال 1966ع ۾ "نيو اورلينز اسڪوائر" جو اضافو، سال 1972ع ۾ "بيئر ڪنٽري" (اڄ "بايو ڪنٽري" جي نالي سان مشهور آهي)، سال 1993ع ۾ "مڪي جو ٽون ٽائون" ۽ سال 2019ع ۾ "اسٽار وار: گليڪسي جو ايج" شامل آهن.[3] اضافي طور تي، سال 2001ع ۾، ڊزني لينڊ جي اصل پارڪنگ لاٽ جي جاءِ تي ٿيم پارڪ، "ڊزني ڪيليفورنيا ايڊونچر" کوليو ويو.
ڊزني لينڊ ۾ دنيا جي ڪنهن به ٻئي ٿيم پارڪ جي ڀيٽ ۾ وڏي مجموعي حاضري رهي آهي. ان جي کولڻ کان وٺي 757 ملين سياح (ڊسمبر 2021ع تائين) آيا آهن.[4] سال 2024ع ۾ پارڪ ۾ 17.33 ملين سياح آيا، جيڪا ان سال ان کي، "ميجڪ ڪنگڊم"، جيڪو هن کان متاثر ٿي بڻايو ويو، کان پوءِ دنيا جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ دورو ڪيل تفريحي پارڪ بڻايو.[5]
تاريخ
[سنواريو]ڊزني لينڊ (انگريزي ٻولي: Disneyland) جو هي موهيندڙ وندر جو هنڌ والٽ ڊزني نالي هڪ شخص اڏيو ۽ سن 1955ع ۾ جولاءِ مهيني جي سترهين تاريخ تي سير ۽ وندر لاءِ کوليو ويو. ان کان پوءِ هن قسم جون تفريح گاهون فلوريڊا رياست، جپان ۽ يورپ ايشيا ۾ پڻ ٺاهيون ويون پر هن پارڪ جي حيثيت ۽ اهميت برقرار آهي. انهيءَ جو مکيه سبب هي آهي ته ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ هتي نت نيون شيون آنديون ۽ ڏيکاريون وڃن ٿيون. هتي جي انتظاميا ماڻهن جي سهولت، اطمينان ۽ وندر لاءِڪوششون ۽ اپاءُ وٺندي رهي ٿي. جنهن سبب قطارن ۾ بيهندڙ ماڻهن کي انهيءَ انتظار دوران به ڪا تڪليف محسوس ڪا نه ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي هر سال سراسري طور ملين کان وڌيڪ ماڻهو گهمڻ اچن ٿا.[6]
فيمليءَ وارن ماڻهن جي سهولت لاءِ هتي بيبي ڪيئر سينٽر (Baby Care centre)، ڪُتا آڻيندڙن لاءِ ڪينل (Kennel) ۽ ڪئين ريسٽ روم موجود آهن. ڊزني لينڊ گهمڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽ کي پاسپورٽ سڏيندا آهن. ٻن ۽ ٽن ڏينهن لاءِ گهربل پاسپورٽ ۽ سٺ سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ اگهن ۾ ڪجهه ڇوٽ ڏنل آهي. هن پارڪ کي هڪ ڏينهن ۾ مڪمل طور ته نٿو ڏسي سگهجي، ڇو ته عجائبن جو انگ تمام گهڻو آهي. هي پارڪ ستن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڊزني لينڊ ريلوي پنهنجي ڏيڍ ميل واري چڪر ۾ سمورن ڀاڱن جو هڪڙو دلفريب نظارو ڏيکاري ٿي.[6]
پارڪ جي هر ڀاڱي ۾ ڪيترائي ريسٽورانٽ آهن، جتي هر قسم جو کاڌو پيتو ملي ٿو. پارڪ ۾ سير جي شروعات مين اسٽريٽ يو ايس اي نالي مکيه دروازي وٽان ٿئي ٿي. گهڙيال جي ڦيري موجب سمورن ڀاڱن مان ٿيندي آخري ڀاڱي ٽومارو لينڊ ۾ دنگ ڪري ٿي. سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي موسيقار ۽ بازيگر ماڻهن کي اضافي طور وندرائڻ لاءِ موجود آهن. والٽ ڊزني هڪ ڀيرو چيو هو ته ”مون کي اميد آهي ته اسين هڪڙي نهايت عجيب شيءِ کي ڏسڻ ڪو نه وسارينداسين ۽ اها شيءِ آهي ”مڪي مائوس“ يعني اهو ڪُئو جنهن جي نمائش هتي سڀني اسمن کان پهرين ۽ اڳي ڪئي وئي هئي.“ پارڪ جي لڳ ڀڳ سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي هٿرادو ساهوارا نمائش لاءِ رکيل آهن. انهن ۾ انسان، حيوان ۽ پکي پڻ شامل آهن. انهن کي اينيميٽرانڪس (Animatronics) سڏجي ٿو. اهي ساهوارا اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن جو اهي ڪنهن به طرح هٿرادو نٿا لڳن. سندن چرپر ۽ آواز حقيقي ساهوارن سان مڪمل طور ملندڙ آهي، جنهن سبب ماڻهو کي هن طلسم تي يقين نٿو اچي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا هٿرادو گل ۽ وڻندڙ ٻوٽا پڻ نمائش لاءِ رکيل آهن. پارڪ جي پهرئين ڀاڱي کي ايڊوينچر لينڊ Adventure land سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ پاڻيءَ جا ڪيترائي واهڙ ۽ تلاءُ آهن جن ۾ تراکڙين ٻيڙين ۾ هٿرادو نموني ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي مختلف تفريح گاهن جا نظارا ٻيڙين ۾ سير وسيلي ڏيکاريا ويندا آهن. جٿي ڪٿي پاڻيءَ ۾ پاڻي وارا وڏا وڏا مختلف قسمن جا مڇ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي مزاج مطابق ڪرتب ڏيکاريندا رهندا آهن. پارڪ جي ٻئي ڀاڱي کي ڪريٽر ڪنٽري (Critter Country) سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ اتر اولهه آمريڪا جي جهنگلن جي طرز تي گهاٽا جهنگل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي وچ ۾ ننڍا واهڙ به موجود آهن. هتي جهنگلن ۾ رڇ (Bear) کي ڪرتب ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. هن جهنگل ۾ وهندڙ واهڙن ۾ وڻن جي ٿڙن مان ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ترنديون آهن، انهن تي چڙهي به ماڻهو هن ڀاڱي جو سير ڪري سگهي ٿو. پارڪ جي ٽئين ڀاڱي کي فينٽاسي لينڊ (Fantasy Land) سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾، ڊزني اسٽوڊيو ۾ ٺهيل فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. انهن ۾ اوڻيهين صديءَ دوران انگلينڊ جي سماجي صورتحال هڪ خاص انداز ۾ پيش ڪيل آهي. جهڙوڪ ميڊ هيٽر واري چانهه پارٽي، مسٽر ٽوڊ جي جهنگلي سواري، سليپنگ بيوٽيءَ وارو ڪيسل وغيره، تنهن کانسواءِ وائيٽ نِڪل ٽرپ مزيدار راند آهي. جنهن ۾ هڪ ننڍڙيءَ گاڏيءَ ۾ ماڻهو سوار آهن، اهي اوچتو هڪ مٿانهين هنڌ تان هيٺ گوڏن ڀر اچي ڪرن ٿا. هتي هڪڙي ٽرين ۾ هڪڙو سرڪس گهمايو وڃي ٿو جنهن ۾ ٽن ننڍڙن سوئرن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مزيدار شيون ڏيکارين ٿا. ڊزني لينڊ پارڪ جي چوٿين ڀاڱي کي فرنٽيئر لينڊ (Frontier Land) سڏين ٿا. هن ڀاڱي ۾ پراڻي اولهه جي دنيا کي خاص انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هتي آمريڪي ندي مسيسيسپي (Mississippi) جو نقل ٺاهي منجهس مارڪ ٽوئن ۽ ڪولمبيا نالي جهازن جو سفر ڏيکارين ٿا. ماڻهو انهن جهازن تي چڙهي ۽ گهمي سگهن ٿا. تنهن کانسواءِ هتي هڪڙي ريل گاڏي هڪڙي غار يا کاڻ مان لنگهندي ڏيکارين ٿا. جتي پٿرن جا ٽڪر ڪرندا ۽ چمڙا وغيره اڏامندا نظر اچن ٿا. مين اسٽريٽ يو ايس اي (Main Street U.S.A) نالي واري ڀاڱي ۾ اوڻيهئين صديءَ واري آمريڪي صورتحال ڏيکاري وئي آهي. هتي رڳو ٽانگا ۽ بگيون هلايون وڃن ٿيون. هتي سينيما اوپيرا هائوس ۽ ٻارن جي رانديڪن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان به آهن. اوپيرا هائوس ۾ هڪ شو ڏيکارين ٿا انهيءَ جو نالو آهي مسٽر لنڪن سان گڏ گذاريل عظيم لمحا (Great Moments with Mr. Lincon) انهيءَ ۾ آمريڪي صدر ابراهام لنڪن آمريڪي تاريخ تي هڪڙو ليڪچر ڏيندو آهي. نيو اورلينس اسڪوائر (New Orleans Square)نالي ڀاڱي ۾ مارڊي گراس پريڊس ۽ ڊڪسيلينڊ جاز نالي موسيقي ۽ ناچ حقيقي فنڪارن طرفان پيش ڪيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ قديم ڏکڻ آمريڪي تهذيب جي جهلڪ پڻ ڏيکاري وڃي ٿي. جهڙوڪ ڪيريبئين ٻيٽ جيڪو درياهي چورن جو ڳڙهه آهي. اوڏانهن هڪ ٻيڙيءَ جو سفر ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ هڪڙي جنن ڀوتن واري آستان جو سير پڻ ڪرايو وڃي ٿو. ڊزني لينڊ پارڪ جي ستين ڀاڱي جو نالو آهي ٽومارو لينڊ (Tomorrow Land). هن ڀاڱي ۾ سائنسي ڪرتب ۽ ڪرشما ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي خلائي سفر، سيارن جو سير ۽ سمنڊ اندر آبدوزن وسيلي سفر جون فلمون ۽ جهلڪيون ڏيکارين ٿا. مٿي ڄاڻايل سمورن ڀاڱن ۾ پيش ٿيندڙ عجيب ۽ غريب سير ۽ سفر کانسواءِ هن پارڪ ۾ راڪ، فاڪ، پاپ ۽ بگيئينڊ موسيقي ۽ قديم توڙي جديد ناچن جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي جتي هر ماڻهو پنهنجي پسند موجب موسيقي ۽ ناچ مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو. ڊزني لينڊ جو آخري سرڪس يا لاسٽ پريڊ به هڪ روح پَروڙ منظر کان گهٽ نه آهي. جنهن کي سڄي دنيا جا ماڻهو وڏي چاهه سان هر روز ڏسن ٿا. اسان به رنگينين جي هن ماڳ ۾ هي منظر ڏسي رهيا آهيون. جنهن کي ڏسڻ وارا لکن جي انگَ ۾ ته حصو وٺڻ وارا به هزارن جي انگَ ۾ هي من موهيندڙ پروگرام ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪري رهيا آهن. پرين وانگر سينگاريل اپسرائون هن جلوس ۾ سڀني ماڻهن کي هٿ ٻڌي سلام پيش ڪنديون آهن.[6]
پارڪ جي ترتيب ۽ ڪشش
[سنواريو]آپريشن
[سنواريو]پڻ ڏسو
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ {{safesubst:#if:{{subst:ns:0}}
| TEA / Aecom (2018). "2018 Theme Index & Museum Index: The Global Attractions Attendance Report" (pdf).
{{cite web}}: Cite has empty unknown parameters:|urltrad=,|dead-url=,|chapterurl=,|subscription=, and|coauthors=(مدد); Text "{{cite web|title=2018 Theme Index & Museum Index: The Global Attractions Attendance Report|url=https://www.aecom.com/content/wp-content/uploads/2019/05/Theme-Index-Museum-Index-2018-2.pdf|author=TEA / Aecom|website=Aecom/TEA|language=en|format=pdf|date=}}" ignored (مدد). - ↑ Taylor, Alan (July 24, 2019). "Opening Day at Disneyland: Photos From 1955". The Atlantic. محفوظ ڪيل مان اصل نسخي کان July 24, 2019 تي محفوظ ڪيل. November 3, 2024 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Savvas, George (February 7, 2017). "Star Wars-Themed Lands at Disney Parks Set to Open in 2019". Disney Parks Blog. اصل نسخو مان February 8, 2017 تي محفوظ ڪيل. February 7, 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Attendance at the Disneyland theme park (Anaheim, California) from 2009 to 2021". Statista. November 17, 2022 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "TEA/AECOM 2024 Theme Index and Museum Index". Themed Entertainment Association. 2024. October 24, 2025 تي حاصل ڪيل.
- 1 2 3 ڪتاب؛ ٽوئر ٽو آمريڪا، ليکڪ: عبدالحئي پليجو آرڪائيو ڪيا ويا 2017-09-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. سنڌ سلامت ڪتاب گھر پاران سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- (انگريزي) Celebrities at Disneyland
- (انگريزي) Deaths at Disneyland
- (انگريزي) MouseInfo.com : information on the Disneyland Resort, Disney movies and more, message boards
- (انگريزي) MiceChat.com : Disneyland news, Rumors, Gossip, Chat, Disney movies Games, Photos, message boards
- (انگريزي) Mouse Planet : a site featuring the latest park updates and upcoming attractions
- (انگريزي) Yesterland : pour des informations sur les attractions disparues
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- CS1 errors: unrecognized parameter
- CS1 errors: empty unknown parameters
- Pages using infobox settlement with bad settlement type
- سانچا
- Pages using infobox settlement with no map
- Pages using infobox settlement with no coordinates
- Articles containing انگريزي-language text
- ڊزني لينڊ
- اينهائيم
- ٿيم پارڪ
- اميوزمينٽ پارڪ
- جادوئي بادشاهت
- 1955 ۾ قائم ٿيل
- ڊزني لينڊ ريسورٽ
- هالي ووڊ واک آف فيم
- لاس اينجلس ۾ ڊزني
- ڪيليفورنيا ۾ تفريحي پارڪ
- گڏيل آمريڪي رياستن ۾ پارڪ
- گڏيل آمريڪي رياستن ۾ عمارتون ۽ ساختون