مواد ڏانھن هلو

ڊاڪٽر مشتاق ڦل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

درد جو نئون رومانوي جهان تخليق ڪندڙ شاعر: ڊاڪٽر مشتاق ڦل وليم ورڊس ورٿ چيو هو: “اعليٰ ۽ عظيم شاعري اها آهي جنهن ۾ شاعر جا ڀرپور احساس بي ساختگيءَ سان ازخود ڇلڪي پون.” ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري اهڙي ئي آهي. خاص طور هن جي نظمن ۾ انتها جي رواني، موسيقيت ۽ روانگي آهي. سندس لفظ آبشارن تان ڪرندڙ پاڻيءَ وانگر ترڪندا اچن ٿا. هن پنهنجي شاعريءَ کي فطرت سان منسوب ڪري ڇڏيو آهي. هو نئين رومانيت جو نئون منظر نامو کڻي آيو آهي. هن عهد جي وڏي نقاد اڪبر لغاريءَ درست لکيو هو ته ڪا به ادبي تحريڪ بنهه ختم ڪڏهن به ناهي ٿيندي. هن جا وارث ڪنهن نه ڪنهن ٻوليءَ ۾ موجود رهن ٿا. جيڪڏهن آئون لکان ته ڊاڪٽر مشتاق ڦل نئين رومانيت جو وارث آهي ته غلط نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته رومانيت جي بنيادي نقطن ۾ اها ڳالهه شامل هئي ته فطرت ڪو مئل مادو ناهي بلڪه فطرت ٿڪل ۽ ستايل ماڻهن ۽ مسافرن لاءِ هڪ پناهگاهه آهي. اوچا جبل، آبشار، وڻ، ٽڻ، پکي پکڻ، هوائون، ڪڪر، ٽڪر، مينهن، واءَ، هيرون، نديون، واري، پٿر، پٽ، پڊ ۽ ڦٽل ڀڙا سڀ ڪجهه فطري آهي ۽ شاعر جڏهن انهن جي ڳالهه ڪري ٿو ته هو روسو جي لفظن ۾“فطرت ڏانهن واپس موٽي ٿو.” رومانيت جا ٻيا اهم عنصر تخيل ۽ وجدان آهن. تخليق يا تخيل خدائي خوبي آهي. شاعر وٽ اهڙو هنر اچڻ هڪ آفاقي قوت هٿ اچڻ جي مترادف آهي. اهو وجدان ئي آهي جيڪو سندس داخلي ڪيفيت کي خارجيت سان همڪنار ڪري ٿو. ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي شاعري نه صرف فطرت، تخيل ۽ وجدان جو عمل دخل آهي پر هو انهن عنصرن ۾ تجديد ڪري ٿو. هو فطري منظرن مان سونهن جا سمورا عڪس کڻي انهن کي فرد جي داخليت سان جوڙي وجداني سطح تي انهن جو اظهار ڪري ٿو. مونسان پيار ڪندڙ ڇوڪرا هوا ملئي ته کيس چئجان مونکي تنهنجي ڏاڍي سڪ لڳي آ! رات جيل جي سلاخن پويان ڊگهين ديوارن کان تازي هوا، بادل ۽ بارش بابت پڇيم ئي مس ته ديوارن روئڻ شروع ڪري ڏنو! ڊگهين ديوارن کان هوا، بادلن ۽ بارش جو ڏس پتو معلوم ڪرڻ جهڙا استعارا ڪو رومانوي شاعر ئي تخليق ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ بيپناھ ڪرب پڻ آهي ته هڪ سڪ ۽ ڇڪ جي ڪيفيت پڻ آهي. ڊاڪٽر مشتاق ڪيفيتن جو شاعر آهي. ڇاڪاڻ ته هو ميڊيڪل ڊاڪٽر پڻ آهي ۽ شاعر به آهي. روز ڏهاڙي هن جي سامهون سُور جون سوين صورتون ظاهر ٿينديون هونديون. هو الائي ته ڪيترين اکين جو درد پڙهندو هوندو، الائي ته ڪيترن چهرن جي گهنجن ۾ لڪل پريشاني ڏسندو هوندو، الائي ته ڪيترين مائرن جون اميدون ۽ نااميديون محسوس ڪندو هوندو. شاھ سائين جڏهن کاهوڙين جي اٺن کي ڏٺو ته چيو هئاين، ڏوري ڏوري ڏيهه، ماءُ کاهوڙي آئيا، مين پيرين کيهه، ڪُهه ڄاڻان ڪنهن پار جي! (خبر ناهي ته کاهوڙين جي اٺن جي پيرن ۾ ڪهڙي ديس جي دز ۽ مٽي لڳل آهي؟ هو ته الائي ڪيترا ملڪ ۽ دسون لتاڙي آيا آهن.) ڊاڪٽر مشتاق ڦل وٽ به مشاهدي لاءِ روز نوان ماڻهو اچن ٿا. هر فرد جي الڳ ڪهاڻي بلڪه ڪهاڻيون آهن. هن شايد درد جي اونهائيءَ کي ويجهڙائي کان محسوس ڪيو آهي جو هو مريضن لاءِ رڳو طبيب نٿو رهي بلڪه انهن جو حبيب ٿي پوي ٿو. هو دوا درمل سان گڏ انهن سان ڳالهيون ڪري انهن جو بار هلڪو ڪري ٿو. ۽ هڪ شاعر جي حيثيت سان درد جا انبار جيڪي ماڻهن وٽان کيس ملن ٿا اهي هو قلم جي مدد سان پني تي اوتي پاڻ هلڪو ڪري ٿو. بلڪه جيڪڏهن ائين چئون ته هيءُ هڪ اهڙو شاعر آهي جيڪو دنيا جا درد گڏ ڪري انهن کي محفوظ ڪندو وڃي ٿو. ماڻهن جون درد ڪهاڻيون ٻڌندي هن جون پنبڻيون به ڪيئي ڀيرا آليون ٿين ٿيون ۽ هو اکين ۾ اٽڪي پيل انهن ڳوڙهن کي پني تي لاهي وٺي ٿو.

ضروي ناهي ته منهنجي مرڪ ۾

لڪل ڳوڙها تنهنجي ٻڪ ۾ ڪري پون! پر ياد رک تنهنجي دل جا زخم روز اگهڻ مان ئي ايندي آهيان! مون ڊاڪٽر مشتاق جا ڪيئي نظم پڙهندي اها ڪيفيت محسوس ڪئي آهي جنهن لاءِ شاھ سائين چيو هو، “لڙڪ نه لکڻ ڏين، ڪريو پون قلم تي!” هو درد جو نئون جهان تخليق ڪري رومانيت کي امر ڪري ڇڏي ٿو. سندس نظم “آءِ سي يو” ان سموري منظر نامي جي چٽي تصوير آهي، جنهن ۾ هن لفظن سان درد جون اهي تصويرون ڪڍيون آهن، جن ۾ اها چنگهه به آهي جنهن لاءِ شاھ سائين چيو هو، “اڄ پڻ چنگهو چنگهه، واڍوڙڪي منهين.” ( اڄ وري وڍيلن جي منهن/گهرن مان ڪنهن جي چنگهڻ جو آواز اچي ٿو. چوٿين نمبر ڪيوب ۾ داخل روڊ ڪناري تي کيڏندڙ ٻار جي مٿي تي جيپ جو ٽائر زندگي جي ساڀيان جهڙي خواب کي لتاڙي گيريج ۾ ننڊ ڪري رهيو آهي! مونکي وري ٻار جون اجهاڻل اکيون سڏي چون ٿيون امان کي سڏي ڀرسان ويهار! پنجين نمبر بستري تي هڪ نوجوان عورت ستي پئي آهي جنهن جي سُر ۽ صورت تي جڳ موهت هوندو هيو! زندگيءَ جو ڏيئو اجهائڻ لاءِ ٻُڪ ٽڪين جو کائي پرس ۾ پيل خالي پتن کي آخري چمي ڏئي مجهند ڌاران هتي پهتي آهي! هن کي مڙس گهران ڪڍي سندس ئي سينگاريل ڪمري ۾ ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ کي سمهاري ڇڏيو آهي! هن جا ٻار اسپتال جي گيٽ تي سيءَ ۾ ٿڙڪي رهيا آهن! زمين ٿڌي ٿي وئي آهي! مونوٽ هڪ ڪمبل آ اهو هنن جي مٿان وجهان يا کين ان تي سمهاريان! آءِ سي يو ۾ ٻارن جي اچڻ تي پابندي آهي هونئن به ٻه ٻيون عورتون جن جي جسم ۾ نشي آور دوائن ايترو ته اثر ڪيو آهي جو هنن جون ابتيون سبتيون ڳالهيون ٻڌي منهنجو ساه ٿو منجھي ته ٻارن کي پنهجي هنج ۾ مان ڪيئن سمهاريان! رات جو ڏيڍ ٿيو آهي شايد! ٻار کي چيٿاڙيندڙ سرڪاري جيپ واري همراه، نڪاحن جي رومانس واري عادي مجرم ۽طلاقيل عورت جي درد کان وانجهيل وڏي بنگلي واري شرابي مرد کي ڪير ٻڌائيندو ته رات ڊگهي ٿيندي ٿي وڃي پنهنجي اماڻيل درد واري ڪاري پرس مان ڪجهه لڙڪ ۽ هي ٽي ٻار هتان کڻي وڃي مونوٽ صرف هڪ ڪمبل آهي هيٽر ڀرسان ننڊ جا عادي هي ٻار آخر مان ڪٿي سمهاريان! ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي نثري نظمن سنڌي ادب ۾ اها جاءِ والاري آهي جيڪا جمال ابڙي جي ڪهاڻين سنڌي ڪهاڻين جي تاريخ ۾ والاري هئي/آهي. ٻنهي وٽ عميق تجربا آهن، ٻنهي وٽ درد پهريون موضوع آهي ۽ ٻنهي وٽ فرد اهم آهي. ٻنهي ۾فرق آهي ته رڳو ايترو ته هڪ ڪهاڻين ۾ نثري نظم لکي ٿو، ٻيو نثري نظمن ۾ ڪهاڻيون لکي ٿو. ڊاڪٽر شير مهراڻي سنڌي شعبو ڪراچي يونيورسٽي 16 نومبر، 2018ع

حوالا

[سنواريو]