ڇپائڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اشاعت (Publishing): ڪنهن مواد، ڪتاب، رسالي ۽ اخبار وغيره کي شايع ڪرڻ، ٻين لفظن ۾ ”اشاعت“ مان مراد ”ڪنهن -تصنيف- کي موزون صورت ۾ تيار ڪري، مؤثر طريقي سان ڇپائي گهڻن کان گهڻن ماڻهن تائين، واپارين جي ذريعي يا سڌوسنئون پهچائڻ واري نظم نظام کي -اشاعت- چئبو آهي. مسودن کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ ۽ وڪڻڻ جو فن، قديم يوناني کان شروع ٿيو. سلطنت روم ۾ ته هي ڪم باقاعدي ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چُڪو هو. وچئين دور ۾ مسودن کي تحرير ڪرڻ جو ڪم جيئن ته فقط راهبن تائين ئي محدود هو، تنهنڪري نشر ۽ -اشاعت- جو اُهو سلسلو -ٿورو- ماٺو ٿي ويو. البت ٻيهر يورپ جي سجاڳيءَ واري دؤر ۾ اهو ڪجهه اڳتي وڌيو، پر وسيع پيماني تي تصنيفن جو نقل تيار ڪرڻ، -ان- وقت ممڪن نه ٿي سگهيو. پندرهين صديءَ جي وچ واري دور ۾ جڏهن يورپ، ٽائيپ جي اکرن کان واقف ٿيو، تڏهن ڇپائيءَ جي ڪم ۾ تيزيءَ آئي. -ان- جي ترقيءَ ۾ گرجا جي مذهبي مناظري بازي به مددگار ثابت ٿي، جنهنڪري سلسلي وار ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا، ۽ جلد ئي -اشاعت- ۽ ڇپائيءَ جا الڳ الڳ ڪم شروع ڪيا ويا. عام خيال آهي ته پهريون -اشاعت- گهر ”الزوير گهراڻي“ جو هو، جنهن 1583ع ۾ -اشاعت- جو ڪم شروع ڪيو، پر -ان- هوندي به طابع، ناشر ۽ ڪتاب وڪڻندڙ ۾ صحيح فرق اوڻويهين صديءَ کان پهرين واضح ٿي نه سگهيو، ۽ هينئر به اڪثر حالتن ۾ انهن جي ڪم ۾ فرق ڪرڻ مشڪل ٿئي ٿو. [1]

ناشر[سنواريو]

ناشر (Publisher) ڪتاب جو ڇپائيندڙ، شايع ڪندڙ. ان سلسلي ۾ ادارا قائم ٿياآهن، اهي ادارا سرڪاري توڙي غير سرڪاري آهن، هڪڙا درسي ڪتاب شايع ڪندا آهن، ٻيا ادبي، صحافتي ۽ ٻيءَ نوعيت جا ڪتاب وغيره شايع ڪندا آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. اشاعت : (Sindhianaسنڌيانا)
  2. ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي