ڇوڏي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڇوڏي (ٻيا نالا: عربي: قشرالرمان، فارسي: پوست انار، ھندي، وغيره: ڇلڪا انارڪا، ڪرو، سطح) ڏاڙھون/انار جي کل کي ڇوڏي چوندا آھن.

طب[سنواريو]

اثر: سرد خشڪ 3، نقصان: دماغ کي، ميل: آهو ٻير، عيوض: ڪتيلووزن: ٽي ماسا.

خاصيت: ٻين دوائن سان گڏي ڦڪي ٺاهي رکجي، اها ڦڪي رت جي دستن، سوريءَ، پيچش، صفراوي دستن جي لاءِ مفيد آهي. هن جو ڪاڙهو کنگهہ، دمڪشي، ڪچي بلغم کي پچائي کانگهاري رستي ڪڍڻ ۽ جگر جي بيمارين ۾ مفيد آهي. ڦٽڪيءَ سان گڏ ڪٽي مرهم ٺاهي مقعد جي سوڄ ۽ سور ۽ موڪن تي لائبو تہ فائدو ٿيندو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: فرھنگ جعفري؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ ايڊيشن: 2007ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.