ڇري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڇري

ڇري ھڪ اوزار آھي جيڪو رڌ پچاءَ ۾ سبزيون، گوشت ۽ ٻيا جزا ڪٽڻ ۽ ڪڏھن ڪڏھن ڇلڻ ۾ ڪم ايندو آھي. ڇري جي اڌ حصي تي پلاسٽڪ يا ڪاٺ جو ھٿيو ٺھيل ھوندو آھي، جنھن کان اڳتي تيز ڌار ۽ چنھنبدار پٽي ھوندي آھي جيڪا شين کي ڪٽيندي آھي. ھي اوزار لوھ، ٽامي، اسٽيل وغيرہ مان ٺاھي ويندي آھي. ھن جا ڪيترائي قسم ۽ شڪليون آھن ۽ مختلف ڪمن لاءِ مخصوص ڇرين پڻ ٺاھيون وڃن ٿيون. ڇريءَ کي ڏوھن جھڙوڪ قتل، چوري ۽ مارڌاڙ جي وارداتن ۾ پڻ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ڪجهه ثقافتن ۾ ھمراھ ڇري پاڻ سان رکندا آھن.