ڇاپاڪو پکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو
ڇاپاڪو سان منجهڻ نه ٿيڻ کپي


ڇاپاڪو پکي
CaprimulgusMahrattensisGould.jpg
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Caprimulgus
جنس: Template:Taxonomy/CaprimulgusC. mahrattensis
حياتياتي نالو
Caprimulgus mahrattensis
Sykes, 1832
سنڌ ۾ ڇاپاڪي پکي جا قسم
نمبر شمار سنڌي نالو انگريزي نالو سائينسي نالو
1 سنڌي / ديسي ڇاپاڪو Sykes's Nightjar Or The Sindh Nightjar Caprimulgus mahrattensis
2 يورپي ڇاپاڪو European Nightjar Caprimulgus europaeus

ڇاپاڪو ديسي يا ڇاپاڪو پکي[سنواريو]

ڇاپاڪي ديسي جو تعارف[سنواريو]

جنهن کي انگريزيءَ ۾ (Nightjar) سڏيو ويندو آهي اهو پکين جي اهڙي قبيلي سان تعلق رکي ٿو، جيڪي عام پکين، خاص طور جهرڪين ۽ ٻيون ٻوليون ٻوليندڙ پکين، وانگر ڪنهن ٽاريءَ يا تار وغيره تي ويهي نه سگهندا آهن.

ڇاپاڪي ديسي جي جسامت[سنواريو]

هي ايشيائي ڇاپاڪي کـان ڪـي قــدر وڏو ۽ يوريشيائي ڇاپاڪي جيترو قدبت رکي ٿو. هيءُ پکي بـت ۾ 2.3 سـينٽـي ميـٽر هوندو آهي، سندس پرن جي پکيڙ 15.7 سينٽي ميٽرن کان 17.3 سينٽي ميٽر ۽ پڇ جي ڊيگهه 10.5 سينٽي ميٽرن کان 10.4 سينٽي ميٽرن تائين ٿئي ٿي. هونئن يوريشيائي ڇاپاڪي جهڙو ئي نظر ايندو آهي، پر هن جو آواز مختلف آهي. سندس رنگ پيلاڻ مائل سرمائي هوندو آهي. مٿي تي ڪارا پٽا اٿس. هن جون ٽنگون بنا کنڀن جي، ڳاڙهسريون ناسي ٿين ٿيون. نَرَ جي پرن تي مٿان کان هيٺ پهرين ٽن پرن ۾ اڇا دڙڳ ٿين. ساڳيا اڇا دڙڳ يا چٽا مادي تي به ٿين ٿا، پر اهي ايترا صاف نه هوندا آهن، اهي دڙڳ گهڻو ڪري ڀوري يا پيلي رنگ جا ٿين ٿا. نڙي سڄيءَ تي ڪارا ڪارا چٽا ٿيندا اٿس

ڇاپا ڪي ديسي جي کاڌ خوراڪ[سنواريو]

هن جي مک خوراڪ جيت آهن. هن جو وات تمام ويڪرو هوندو آهي. انهي ڪري پرواز دواران جيت سولائيءَ سان جھٽي کائيندو آهي.

مند ۽ علائقا[سنواريو]

سنڌ ۾ هيءُ پکي سياري جو وڌيڪ نظر ايندو آهي. رات جو روڊن رستن جي پاسن توڙي وچ تي ويٺل، ڪنهن ماڻهوءَ جي اچڻ تي اوچتو ڀڙڪو کائي اڏرڻ ۽ ڪن حالتن ۾ گاڏين سان ٽڪرائڻ سبب مريو به پوي. هي پکي سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر ۾ ٿئي ٿو. ان کان سواءِ بلوچستان جي سبي علائقي ۾ به ڏٺو ويندو آهي. لسٻيلي جي ٽاڪرو علائقي ۾ جام ٿئي ٿو. هي پکي ڏينهن جو اکيون بند رکندو آهي، تنهنڪري ڏينهن جو پنهنجو آکيرو ڪونه ڇڏي، جو خبردار هوندو آهي. هن جو گذران گهڻو ڪري رات جي اڏامندڙ جيتن تي هوندو آهي. هي زمين جي مٿاڇري کان گهڻو مٿي ڪو نه اڏامي، اتي ئي پيو ڦرندو ۽ بولاٽيون کائيندو آهي.

لڳ ۽ نسل[سنواريو]

هن جي لڳ جي مند اپريل مهيني جي وچ عرصي واري موسم هوندي آهي. هيءُ وڻ تي آکيرو ڪونه ٺاهي، بلڪ واريءَ جي دڙن کي کوٽي، اتي آنا لاهي. مادي 17 کان 18 ڏينهن آرو ڪري. سندس ٻچا سرمائي يا ڪاري رنگ جا ٿيندا آهن. سندن آواز ’چُڪ چُڪ‘ جهڙو هوندو آهي. هن جي نر توڙي ماديءَ جو آواز ڏيڏر جي ڏاڪ جهڙو ٿيندو آهي. هيءُ رات جو اڏامندڙ پکي آهي، جنهن جا پر ۽ پڇ ڊگها ۽ وات تمام ويڪرو هوندو آهي. شايد انڪري ئي اڏام دوران جيت سولائيءَ سان جهٽي کائيندو آهي. ديسي ڇاپاڪو پٿريلي سرمائي رنگ جو ٿئي ٿو. [2]

سانچو:Featured article زمرو:dmy تاريخون استعمال Dmy تاريخون استعمال

يورپي ڇاپاڪو
Şivanxapînok.jpg
نر يورپي ڇاپاڪي جي لات
سائنسي درجا بندي e
Unrecognized taxon (fix): Caprimulgus
جنس: Template:Taxonomy/CaprimulgusC. europaeus
حياتياتي نالو
Caprimulgus europaeus
Linnaeus, 1758
Caprimulgus europaeus -range map.png
   Breeding summer visitor
   Winter visitor
Distributions are very approximate. Most birds winter in the eastern African range.

يورپي ڇاپاڪو[سنواريو]

يورپي ڇاپاڪي جي جسامت

هن ڇاپاڪي جي جسامي 24 کان 28 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. پن جي پکيڙ ملائجي ته 52 کان 59 سينٽي ميٽر ٿيندي آهي. نر جو وزن 51 کان 100 گرامن جي وچ ۾ ۽ مادي جو وزن 67 کان 95 گرامن جو ٿيندو آهي. هن جو رنگ سرماني ناسي ٿيندو آهي، اک جي مٿان هلڪو اڇو پٽو ۽ ڇاتيءَ تي سرماني ليڪون اٿس. نر کي پرن تي باهرين وڏن کنڀن مٿان گول اڇا ٽڪا هوندا آهن.

کاڌ خوراڪ

دنيا جي سمورن ڇاپاڪن وانگر هنن مُک خوارڪ جيت آهن. جن ۾ ٽنڊڻ، ڀنڀوريون، ڪيڙا ۽ ٻيا جيت کائيندا آهن. ڇاپاڪو سڄو ڏينهن آرام ڪندو آهي. رات جي وقت جيتن جو شڪار شروع ڪري ٿو.

رهائش[سنواريو]

هي مُک طور تي پاڪستان، وچ ايشيا، عربن ملڪن ۽ پوري يورپ ۾ملي ٿو ان سان گڏ آفريڪا جي ڪجھ حصن ۾ پڻ ملي ٿو. هي پنهنجو آکيرو وڻن جي زمين ۽ وڻ يا ٻوڙن جي ويجھو ٺاهيندو آهي. جيئن ڏينهن جو آرام ڪندو آهي. انڪري تمام گھٽ ڏسبو آهي، ڏينهن جو جنهن مهل ڪير آکيري جي ويجھو ايندو آهي ته ڀڙڪو ڏي اڏامندو آهي ته ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

نسل جي واڌوجھ[سنواريو]

هي سڄي دنيا ۾ مئي کان آگسٽ جي وچ ۾ ميلاپ ڪندا آهن. پر پاڪستان ۽ اتر اولھ آفريڪا ۾ اپريل کان مئي ۾ ميلاپ ڪن ٿا. مادي هڪ کان ٻه اڇا چٽڪمرا آنا ڏيندي آهي، جنهن جو وزن 8.4 گرام هوندو آهي. 17 کان 21 ڏينهن جو آرو ڪندا آهن. 32 ڏينهن کان پوءَ ٻچو بالغ الڳ رهائش اختيار ڪندو آهي.

حوالا[سنواريو]

ڪتاب- سنڌ جي جھنگلي جيوت- مصنف- بدر ابڙو- سنڌي لئنگئيج اٿارٽي

  1. سانچو:IUCN
  2. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012
  3. سانچو:IUCN