ڇاپاڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ٻانهن تي ڇاپاڪي جون علامتون

ڇاپاڪو چمڙي جي بيماري آهي. ۽ هن نالي سان ڇاپاڪو پکي پڻ آهي.

"ڇاپاڪو پکي سان منجهڻ نه کپي

ڇاپاڪو (انگريزي ٻولي: Hives) جنهن کي ٻين نالن ۾ ڏڏر يا سُرڻو ۽ انگريزيءَ ۾ (Urticaria/ Nettle Rash) اهو چمڙيءَ جي اهڙي بيماري آهي، جيڪا دنيا جي هر خطي هر جنس ۽ ڪنهن به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي. هن بيماريءَ ۾ چمڙيءَ تي گلابي يا ڳاڙها نشان سوڄ وانگي اُڀري بيهندا آهن، جن کي ڏنا يا ڊٻڙ (اُڀريل نشان: Wheel) چئبو آهي. هنن ڇاپاڪي جي ڏنن ۾ مختلف مريضن ۾ مختلف تڪليفون ٿينديون آهن. ڪن مريضن کي ڇاپاڪي جي ڏنن ۾ ڏنگ لڳڻ وارو سور ٿيندو آهي. ڪن ۾ ساڙو محسوس ٿيندو ۽ ڪن ۾ ڇتي خارش (Pruritis) ٿيندي آهي. ڇاپاڪي جي ڪري چمڙيءَ جي مٿين تهه ‘Epidermis’ جي مٿاڇري تي ڏنن سان گڏ سوڄ ‘Oedema’ ٿيندي آهي، جنهنڪري چمڙيءَ جي مٿين تهه جي تنتن ۾ سوزش (Inflammation) ٿيندي آهي. ڇاپاڪي جي ڪري جيڪي ڏنا ٿيندا آهن، اُهي چمڙيءَ تي ڪجهه منٽن لاءِ هجن يا ڪجهه ڪلاڪن لاءِ ٿين، پر ڇاپاڪو ڇڏي وڃڻ کان پوءِ ان جو نالو نشان به ڪونه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن مريض کي ڇاپاڪو هميشه الرجيءَ کان يا ڪنهن دوا جي اُبتي اثر (Reaction) جي ڪري ٿيندڙ هجي؛ ڪنهن کاڌ خوراڪ ڪري ٿيندڙ هجي، يا ڪنهن روڳ کان ٿيندڙ هجي ته اُن لاءِ ضروري ناهي ته ڇاپاڪي جي هر نئين حملي جي ڪري مريض کي چمڙيءَ تي ساڳن هنڌن تي ڏنا ٿي بيهن ۽ اُهو به لازمي نه آهي ته هر ڀيري ڏنن ۾ ساڳي، نه ئي وري ڏنن جو ساڳيو رنگ،گلابي- گلابي وچ ۾ اڇو، يا ڳاڙهو هجي، ڇاپاڪو سدائين گرميءَ ۽ کنهڻ سبب وڌي ويندو آهي.

ڇاپاڪي جا قسم[سنواريو]

ڇاپاڪو پنهنجي اوج تي
  • (1) عام (عارضي) ڇاپاڪو (Ordinary, Common Uriticaria): هن قسم جو ڇاپاڪو سڀني قسمن جي ڇاپاڪن ۾ عام ٿئي ٿو. هن قسم جو ڇاپاڪو عارضي هوندو آهي، جيڪو اوچتو ۽ تڪڙو ٿيندو آهي. هن قسم جو ڇاپاڪو ڪجهه منٽن لاءِ هجي ٿو. جڏهن ڇڏڻ تي ايندو آهي ته ايترو تيزيءَ سان لهي ويندو آهي جو ڇاپاڪي جو نشان به نه رهندو آهي. عارضي ڇاپاڪو سدائين ڪنهن دوا يا سُئيءَ جي ابتي اثر وارن کي رنگ هڻڻ ڪاسميٽڪ پرفيوم، ڪنهن کاڌي جي بداثر يا زهريلي ٿيڻ، يا ڪنهن روڳ جي ڪري ٿيندو آهي. عارضي ڇاپاڪي جا ڏنا مختلف قسمن جا ٿيندا آهن. ڪڏهن گول دائري (ڇلن) وانگي Anular، ڪڏهن ور وڪڙن ۽ کلڙن (ڇلرن: Serpiginous) وانگي؛ چگهن وانگي يا وري پاڻيءَ ۽ رت جي گومڙن (Papular) وانگي ٿيندا آهن.
  • (2) دائمي (پراڻو) ڇاپاڪو (Chronic Urticaria): دائمي ڇاپاڪو گهڻن قسمن جو ٿيندو آهي، جيڪڏهن دائمي ڇاپاڪي ۾ چمڙيءَ تي تمام گهڻا ڏنا نـڪـرن ۽ گهـڻـو وقـت چـمـڙيءَ تـي بيـٺا هجن ته اهڙي دائمي ڇاپاڪي کي Perstans Urticaria چئبو آهي، پر جيڪڏهن ڏنا ننڍڙا هجن ۽ چمڙيءَ تي هِتي هُتي نڪرن ۽ انهن ۾ تمام گهڻي ساڙ واري خارش هجي ۽ کنهڻ سان ڇاپاڪو اڃا به وڌي وڃي ته اهڙي ڇاپاڪي کي Evanida Urticaria چئبو آهي ۽ جيڪڏهن دائمي ڇاپاڪو هنرمند ماڻهن کي ٿيندو آهي ته ان کي Fictitious Urticaria چئبو آهي. دائمي ڇاپاڪو (سرڻو) ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ ته اهڙا کاڌا کائجن، يا ڪا شيءِ پيئجي، جنهن جي نتيجي ۾ سدائين ماڻهوءَ کي ڇاپاڪو (ڏڏر) نڪري پوي، جيئن هر ڪنهن قسم جو گوشت (خاص ڪري ڳائو ۽ ريڍو)، مڇي، بيدو، واڱڻ، ميهو، ڪدُو، گوار ۽ آچار (خاص ڪري سُرڪي وارو) يا ڪو به شربت ۽ بوتل وغيره.

ٻيو قسم (هنرمند ماڻهن جو مثال): ڊکڻ کي ڪنهن خاص ڪاٺ يا ڪاٺ جي ٻُوري جي ڪري؛ رازي کي گاري يا گاري ۾ بُهه کان، سيمينٽ ۽ چوني کان ڇاپاڪو (ڏڏر) ٿئي. ڪاتب کي مس کان ڇاپاڪو ٿئي، فيڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن کي ڪيميڪل يا دز وغيره مان ٿئي؛ استاد يا شاگرد کي لائبرريءَ جي پراڻن ڪتابن مان ڌوڙ، دز يا کپري (ننڍڙن جيتن: Mites) جي جسم تي چڙهڻ ڪري ڏڏر، سرڻو ڇاپاڪو ٿئي، جنهنڪري نِڇون به اچن ۽ مُنهن تي سرڻو به ٿيندو آهي. مُنهن ۽ اکيون وقتي طرح سڄي پونديون آهن ۽ انهن ۾ خارش به ٿيندي آهي.

  • (3) نسن مان نڪرندڙ ڪيميائي مادو (Acetylocholine) جيڪو نسن تي اثرانداز ٿئي، جنهنڪري ڇاپاڪو ٿئي. هن قسم جو ڇاپاڪو ٻنهي حالتن ۾ ٿيندو آهي. هڪ گرمي، ٻيو ٿڌ جي ڪري، پر هن قسم جو ڇاپاڪو عام طور تي گرميءَ ۾ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿڌ جي ڪري پڻ ٿيندو آهي. گرميءَ ۽ سرديءَ جي حالت ۾ جسم جي تنتن مان Acetylocholine ڪيميائي مادو نڪرندو آهي، تنهنڪري ڪيترن ماڻهن کي ڇاپاڪو ٿي پوندو آهي. گرميءَ کان ٿيندڙ ڇاپاڪي جو مثال هيئن ڏجي ٿو ته ڪو ماڻهو اُس ۾ گهميو، ڦوهاري جي هيٺان گرم پاڻيءَ سان غسل ڪيائين، يا وري ڪثرت ڪيائين ته جسم گرم ٿيڻ ڪري ماڻهو جي تنتن مان Acetylocholine ڪيميائي مادو خارج ٿيڻ تي ڪنهن به ماڻهو (جنهن کي گرميءَ کان الرجي ٿيندي آهي ته ان ماڻهو) کي ڇاپاڪو (ڏڏر) نڪري پوندو آهي، جنهنڪري چمڙيءَ تي باهه ۽ ڇتي خارش سان گڏ چمڙيءَ تي ڳاڙها داغ يا رپڙ ٺهي بيهندا آهن ۽ سرنهن جي داڻي يا مٽر جي داڻي جيڏا ڏنا نڪرندا آهن. ڇاپاڪي ۾ واڌو پگهر پڻ ٿيندو آهي. هن قسم جو سرڻو اسان جي ملڪ ۾ گهڻو ٿيندو آهي.

ساڳي نموني ٿڌ کان ٿيندڙ ڇاپاڪي جو مثال هيئن ڏجي ته ڪو ماڻهو ٿڌ ۾ گهميو، ٿڌي پاڻيءَ سان وهنتو يا سُئمنگ پول (Swimming Pole) ۾ گهڻي دير تائين وهنتو ۽ ان ۾ ٿڌو پاڻي هجي ته اهڙيءَ حالت ۾ جسم ٿڌو ٿيڻ ڪري ماڻهو جي بدن جي تنتن مان Acetylcholine ڪيمائي مادو خارج ٿيندو آهي ته جن ماڻهن کي ٿڌ کان الرجي ٿيندي آهي ته انهن کي جسم تي ڏڏر نڪري پوندو آهي، جنهن ۾ مريض جا چپ، زبان ۽ هٿ سُڄي پوندا آهن، جنهن سرڻي ۾ واڌارو ٿڌي پاڻي پيئڻ، ٿڌين شين کائڻ ۽ ٿڌي پاڻيءَ سان وهنجڻ تي ٿيندو آهي. هن قسم جو سرڻو اسان جي ملڪ ۾ گهٽ، پر ٿڌن ملڪن ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي.

  • (4) تابڪاري اثر سبب ٿيندڙ ڇاپاڪو (Solar Urticaria): هن قسم جو ڇاپاڪو تمام گهٽ ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندو آهي ۽ سدائين اهڙن ماڻهن کي ٿيندو آهي، جيڪي سج جي گرمي (اُس)، روشني، خاص طور بجليءَ جي روشنيءَ ۾ ڪم ڪندا آهن، هن قسم جي ڇاپاڪي ۾ مريض کي بدن ۾ چهنڊڙيون لڳنديون آهن. ڏنگ لڳڻ جهڙو سور ٿيندو آهي. چمڙي جلندي آهي ۽ خارش ٿيندي آهي. هن قسم جو ڇاپاڪو سج جي روشني، بجليءَ جي هٿرادو روشنيءَ کان الرجيءَ (Allergy) جي ڪري ٿيندو آهي ۽ ماڻهو جي جسم تي تيستائين رهندو آهي، جيستائين ماڻهو سج جي روشني، بجليءَ ۽ هٿرادو روشنيءَ ۾ بيٺو ڪم ڪندو رهندو آهي.
  • (5) جسم تي دٻاءَ جي ڪري ٿيندڙ ڇاپاڪو (Pressure Urticaria): هن قسم جو ڇاپاڪو بدن جي ڪنهن به عضوي تي دٻاءَ پوڻ ڪري ٿيندو آهي؛ جيئن مزدور کي سندس چيلهه يا ڪلهي تي بار کڻڻ ڪري چيلهه يا ڪُلهي تي ڇاپاڪو (ڏڏر) نڪري، ائين هاريءَ کي پيرين اُگهاڙو زمين ۾ لاڳيتو ڪم ڪرڻ ڪري يا پيرين اُگهاڙو گهمڻ ۽ ڪم ڪرڻ تي پيرين جي ترين ۾ ڇاپاڪو نڪري پوي (گهڻن ماڻهن کي چمڙي جي بوٽن ۽ اسپنچ جي چپلن کان به سرڻو ٿيندو آهي.) ڪيترن ڪاروباري ماڻهن کي ٻنڊڻن ۾ گهڻي ويهڻ ڪري دٻاءَ تي ٻنڊڻن تي ڇپاڪو نڪرندو آهي، جيئن دوڪاندار، درزي يا نوڪري پيشه ماڻهو لاڳيتو هڪ جاءِ تي ويهن ته سندن ٻنڊڻن تي دٻاءَ پوڻ ڪري ٻنڊڻن تي ڇاپاڪو نڪري پوي. هن قسم جي ڇاپاڪي ٿيڻ جو ڪو به خاص وقت ڪونهي. ڪنهن به وقت ٿئي. ڪيترن ماڻهن کي ته وري تيستائين لاڳيتو ان وقت تائين متاثر عضوي تي ڇاپاڪو هوندو آهي جيترو وقت اُن عضوي تي دٻاءُ برقرار هوندو آهي.
  • (6) رت جي اخراج (رت ڳڙيءَ) وارو ڇاپاڪو (Haemorrhgica/Purpura Urticaria): ڪيتريون چمڙيءَ جي بيماريون روڳ جي ڪري چمڙيءَ تي ڦٽ ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڦٽن مان تيزابي گند، ٽسو يا ڪنو (سينواريل) رت وهڻ جي ڪري، ڦٽ جي پاسن وارن يا متاثر عضوي جي لاڳاپيل حصي تي ڇاپاڪو ٿيندو آهي. هي ڇاپاڪو ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي، ڇو جو ڦٽن مان وهندڙ تيزابي گند ۽ ڪني رت جي روڳ ڪري جسم تي جيڪو ڏڏر ٿيندو آهي، اُن ۾ سخت ساڙو ۽ ڇتي خارش ٿيندي آهي، جو ڇاپاڪي واري جاءِ کي کنهي کنهي مريض رت ڪڍي ڇڏيندو آهي.

ڇاپاڪي ٿيڻ جا سبب[سنواريو]

ڇاپاڪي جي مٿين قسمن مان ئي خبر پئجي ويندي آهي، ڇاپاڪي ٿيڻ جا ڪيترائي سبب ٿيندا آهن. دنيا ۾ اهڙو ڪو ورلي ماڻهو هجي، جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ کان ڇاپاڪو نه ٿيندو آهي. هر ماڻهوءَ کي مختلف شين مان ڇاپاڪو ٿيندو آهي. اُهو لازمي ناهي ته ڪا هڪ شيءِ سڀني ماڻهن کي ڇاپاڪو ڪري وجهندي آهي. ڇاپاڪي جو ٿيڻ هر ماڻهو جي طبيعت ۽ بيماريءَ سان وڙهڻ جي قدرتي سگهه (Vital Force) تي دارومدار آهي. هر ماڻهو جي طبيعت پنهنجي پنهنجي آهي، ڪنهن ماڻهو کي ڪا هڪ شيءِ جسم ۾ بداثر پيدا ڪري ٿي ته ڪنهن ماڻهو کي ڪا ٻي شيءِ بد اثر پيدا ڪري ٿي. جيئن سنڌيءَ ۾ هڪ چَوڻي مشهور آهي ته: ’ڪنهن کي واڱڻ وائي، ڪنهن کي بصر بادي.‘ هيٺ ڄاڻايل شيون ڇاپاڪي ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون:

  • (1) کاڌي جون شيون: گوشت (خاص ڪري وڏو گوشت ڳائو ۽ ريڍو)، مڇي، گانگٽ، بيدو ۽ ڪڻڪ جي ماني وغيره.
  • (2) ڀاڄيون: واڱڻ، گوار، ميها، ڪدو، انبڙيون، بصر، آچر وغيره.
  • (3) پيئڻ واريون شيون: ٿڌو پاڻي، سوڍا، شربت، چانهه، خاص ڪري ڪافي وغيره.
  • (4) دوائن سان: سئيءَ جي اُبتي اثر (Reaction) جي ڪري ڇاپاڪو ٿيندو آهي.
  • (5) زهريلن جيتن، مڇرن، ماڪوڙين، ماکيءَ جي مک جي ڏنگ هڻڻ جي ڪري ڇاپاڪو نڪرندو آهي.
  • (6) گهڻن ماڻهن کي ٻه طعام گڏ کائڻ ڪري به ڇاپاڪو نڪرندو آهي، جيئن مڇي ۽ گوشت گڏ کائڻ، ڪريلو ۽ کير يا ڏُڌ پيئڻ سان گڏ مڇي کائڻ وغيره.
  • (7) الرجي سان: گهڻن ماڻهن کي دز، ڌوڙ، دونهين، ڀتين جي ڄاري، کپري (Mites)، جانورن جي پشم، وارن ۽ لڏ، ڪپڙن کان ۽ ڪپڙن جي رنگ، ايستائين جو گهر جي ڀتين جي رنگ ۽ رنگ ۾ مليل تيل جي خوشبوءِ، ڪپهه ۽ ڪپهه واري هنڌ ۽ وهاڻي کان الرجي ٿيندي آهي، جيڪا الرجي ڇاپاڪي ٿيڻ جو سبب بڻبي آهي.
  • (8) پيٽ جا ڪيڙا وغيره: گهڻن ٻارن توڙي وڏن ماڻهن کي به پيٽ جي ڪيڙن جي ڪري به ڇاپاڪو نڪري پوندو آهي.
  • (9) بيماريون: گهڻن ماڻهن کي ساهه جي بيمارين، جن ۾ خاص ڪري سلهه ۽ دم وغيره اچي وڃن ٿا، ۽ ڪيتريون چمڙيءَ جون بيماريون پڻ ڇاپاڪي ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون.
  • (10) ڪاسميٽڪ: ڪاسميٽڪ ۾ طرح طرح جون خوشبوئون، عطر، يُو ڊي. ڪولن Eau de Cologne)، يو ڊي ٽوائيليٽ (Eau de Toilet)، خوشبوءِ دار صابڻ ۽ پائوڊر وغيره به ڇاپاڪي جو سبب بڻجن ٿا. ميٿائل الڪوحل (Methyle Alcohol)، پرفيوم، باڊي اسپري، يوڊي ڪولن، يوڊي ٽوائلٽ، صابڻ ۽ پائوڊر ٺاهڻ ۾ سٺ سيڪڙو کان نوي سيڪڙو الڪوهل ڪتب ايندو آهي. جنهن جي چمڙيءَ کي لڳڻ تي به ڇاپاڪو نڪري پوندو آهي.
  • (11) اسٽرائيل الڪوهل (Stearyle Alcohol): جيڪو الڪوحل هر ڪنهن قسم جي هار سينگار جي ڪريمن ۽ ميڪ اپ جي سامان ٺاهڻ لاءِ بنيادي ڪيميائي مادو آهي. هن الڪوحل سان گڏ هڪ ٻيو ڪيميائي تيل سٽرونيلا جو تيل (Citronella Oil) پڻ ڪاسميٽڪ جي سامان جي ٺاهڻ ۾ ڪتب اچي ٿو، جيئن ڪريمون، وائيزلين، فيسل ۽ ماسڪ وغيره. هار سينگار ۽ ميڪ اپ جي سامان ۾ مليل الڪوهل ۽ تيل، چمڙيءَ کي لڳندا آهن ته ڇاپاڪو ڪري وجهندا آهن.
  • (12) جسم جا وار: اڄڪلهه خوبصورت ٿيڻ لاءِ عورتون پنهنجي جسم، منهن ۽ ڀِرن جا وار مختلف طريقن سان پاڙان پٽينديون آهن، جن ۾ ڌاڳي (Threading)، نچڪڻي جو استعمال (Tweezers) ۽ طرحين طرحين جون جديد مشينون استعمال ٿينديون آهن، جن سان ڪيترين ئي عورتن کي ڇاپاڪو ٿي پوندو آهي.
  • (13) وارن جو رنگ: گهڻن ماڻهن کي وارن جو رنگ (Hair Colour) چمڙيءَ تي ڇاپاڪو ڪري وجهندو آهي.

ڇاپاڪي جون علامتون[سنواريو]

سيني تي ڇاپاڪو

ڇاپاڪي جي بيماري ڪا خاص منجهائيندڙ ڪانهي. چمڙيءَ جي هن بيماريءَ جون علامتون سڃاڻپ ۾ آسان هونديون آهن. هن بيماريءَ جي بنيادي علامت چمڙيءَ تي ننڍا توڙي وڏا ڏنا (اُڀريل ڳوڙهيون: Wheals) نڪرندا آهن، جيڪي ڏنا اوچتا نڪرندا آهن. اُهي ڏنا گهڻن قسمن جا نڪرندا آهن. ڪڏهن سوڄ وارا ڪڏهن گول ڇلن وانگر، ته ڪڏهن کلرن (ڇلرن) وانگي؛ يا چمڙيءَ ۾ چُگهن وانگي هوندا آهن. ڪڏهن سخت يا نرم يا وري پاڻيءَ جي گومڙن وانگي ۽ ڪڏهن ڪڏهن رتاوان به نڪرندا آهن. ڇاپاڪن جي ڏنن جا رنگ به ڪي خاص منجهائيندڙ نه هوندا آهن، پر تمام مختصر رنگ هوندا آهن. هنن جو رنگ گلابي يا ڳاڙهو هوندو آهي، جيڪڏهن جسم تي گهڻي دير تائين قائم رهن ته ڪڏهن وري گلابي رنگ جي وچ ۾ اڇو داغ ڪري لهي وڃن. ڇاپاڪي جا ڏنا گهڻو ڪري سرنهن جي داڻي يا مٽر جي داڻي جيڏا نڪرندا آهن، پر ٻنڊڻن تي جيڪي ڏنا نڪرندا آهن، اُهي رپڙن جي شڪل ۾ وڏا هوندا آهن. ڇاپاڪي جا ڏنا ڪهڙي به قسم جا هجن، ڪهڙي به رنگ جا هجن ۽ ڪيتري به سائيز جا هجن، تن ۾ ٿورو يا گهڻو جلن/ ساڙو هوندو آهي، ڪن ڏنن ۾ ڏنگ لڳڻ وارو سور ۽ چڀڪو به محسوس ٿيندو آهي ته ڪن ۾ هلڪي خارش هوندي آهي ته ڪن ڏنن ۾ ڇتي خارش هوندي آهي، تنهن کان سواءِ ڪيترن مريضن کي ڇاپاڪي دوران هلڪو بخار ٿيندو آهي، ڪن کي مٿي ۾ سور ٿيندو آهي، نستائي ٿيندي آهي، ساهه ۾ تنگي ٿيندي آهي؛ ڇاتيءَ تي وزن پوندو آهي، بک مري ويندي آهي. جڏهن ڇاپاڪو ڇڏي ويندو آهي ۽ ڏنا لهڻ تي ايندا ته ايترو تڪڙو لهي ويندا آهن، جو ڏنن جو چمڙيءَ تي نالو نشان به نظر ناهي ايندو، جيڪا به بيماريءَ جي خاص علامتن مان هڪ نشاني آهي.[1]

حوالو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012