چوويهون تصوراتي ليڪو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چوويهون تصوراتي ليڪو (Choweehoon taswiraati leeko) يا ٽوئنٽي فورٿ پئريلل (Twenty fourth Parallel) جاگرافيءَ جي ماهرن طرفان گھڙيل هڪ تصوراتي ليڪو، جيڪو زمين جي ڪجهه علائقن جي بيهڪ کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. اهو تصوراتي جاگرافيائي ليڪو اڳتي وڌي ايشيا، هندي وڏي سمنڊ، آفريقا، پيسيفڪ يا سانتيڪي سمنڊ، اُتر آمريڪا ۽ ايٽلانٽڪ سمنڊ جي ڪجهه حصي تائين پکڙجي وڃي ٿو. پاڪستان جي علائقي رڻ ڪڇ مان پڻ لنگهندڙ اها زميني پٽي پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ سرحدي ليڪي طور وجود رکي ٿي. ورهاڱي کان پوءِ ان علائقي تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تڪراري دعوائون هليون هيون. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. سنڌي آنلائين ڊڪشنري[مئل ڳنڍڻو] پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد