مواد ڏانھن هلو

چونر کرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Chlidonias hybrida

چَونر کُرو (Whiskered Tern)، سائنسي نالو (Chlidonias hybrida)، 25 سينٽي ميٽر جسامت واري کري ھن ننڍي قسم جا نر ماد ھڪجھڙا ٿين ٿا. ان جون ٽنگون ڳاڙھيون ۽ ننڍو چورس پڇ ٿئي ٿو. اونھاري ۽ بھار ۾ پيشاني چمڪدار ڪاري، ھيٺ ڪنڌ ۽ اکين تائين چمڪندڙ اڇا ڳل، ڳچيءَ کان ھيٺ ڇاتي ۽ پيٽ ڪارا ۽ چھنب ڪارسري ڳاڙھي يا ھيڊي ھوندي اٿس. سياري ۾ مٿو اڇو، اکين کان ڪنڌ جي پاسن تائين ڪاري ليڪ ۽ چھنب ڳاڙھي ٿيندي اٿس. نابالغ پکيءَ جي ٽڪڻ ۽ پٺي ناسي ڪاري ۽ مٿو ڪارو ھوندو آھي. ھي جيت خور ۽ گروھہ پسند پکي آھي. پوکن، آبياري زمين، تلائن ۽ ڍنڍن جي مٿان شاندار پرواز ڪندو نظر ايندو آھي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: سنڌ جي جھنگلي جيوت، ص 137، ليکڪ: بدر ابڙو، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.2009ع.