مواد ڏانھن هلو

چندرونش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چندرونش, چندرونسي گھراڻو (Chandravamsha) رگ ويد ۾ ڄاڻايل چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا گهراڻن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا(Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو. راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جو بنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“ (Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا؛ پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي الڳ الڳ شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي؛ جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجڪن ڄڻن جو ميڙ“.[1]


پڻ ڏسو

[سنواريو]


حوالا

[سنواريو]
  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page14.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}