چراغ علي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نظام جي درٻار خاص جتي وزيرن سان ميٽنگ ٿيندي ھئي

چراغ علي(انگريزي: Chirag Ali) (1844–1895) اوڻوھين صدي جو ھڪ مذھبي اصلاح پسند ۽ سيڪيولر مفڪر ڪشميري مسلمان ھيو. جنھن پنھنجي عملي زندگيءَ جو آغاز برٽش انڊيا جي حڪومت ۾ ملازمت سان ڪيو ۽ اتر انڊيا ۾ نوڪري ڪئي[1]. 1877 ۾ نظام حيدرآباد دکن جي درٻار ۾ سياسي سيڪريٽري طور مقرر ٿيو[1].

ذاتي زندگي[سنواريو]

ھي 1844 ۾ موجوده اتر پرديش جي شھر ميروت ۾ ڪشميري خاندان ۾ پيدا ٿيو[2][3][4]. کيس ٽي ڀائر ولايت علي، عنايت علي ۽ منصب علي ھئا ۽ ھي عمر ۾ ٽنھي کان وڏو ھيو.سندس والد جو نالو محمد بخش ھيو جيڪو 35 سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. ان وقت ھن جي عمر 12 سال ھئي جنھن ڪري ھن جي ذميداري ماء ۽ ڏاڏيءَ جي مٿان پئي. ھن جي شادي ابدي بيگم نالي عورت سان ٿي.ھن شروعاتي تعليم گھر ۾ حاصل ڪئي. ھن عربي، فارسي ،انگريزي ،فرينچ،آرامڪ، عبراني، لاطيني ۽ يوناني ٻوليون سکيون ھيون. [5]ھن پنھجي زندگي ۾ تعليم کي تمام وڏي اھميت ڏني ھئي. ھن نوڪري جي شروعات گورکپور ۾ بطور ڪلارڪ ڪئي. پوء ھي لکنو ۾ سيٽلمينٽ آفيس جو ڪليڪٽر مقرر ٿيو. حيدرآباد جي نظام سر سيد احمد جي سفارش تي کيس درٻار ۾ نوڪري ڏني. چراغ مخبر صادق ۽ منشور محمدي نالي اخبارن ۾ لکندو ھيو. حيدرآباد دکن جي وزيراعظم سالار جنگ I سر سيد احمد کي ترجمو ڪندڙ ماڻھو لاء گھريو تي ھن کيس پنھنجي ھم خيال چراغ علي جو نالو ڏنو اھڙي طرح ھن جي اتي مقرري ٿي.

سندس ڏنل فڪر[سنواريو]

سر سيد احمد خان(وفات:1898) جي ويجھي ھمدردن مان ھيو. چراغ علي انھن ڪتابن ۽ مضمونن جي ڪري مشھور ٿيو جن ۾ ھن علي ڳڙھ واري اسلامي جدت واري پروگرام کي رٿيو ھو[1]. چراغ علي مطابق قرآن عبادت ۽ اخلاق جي معاملن ۾ رھنمائي رکي ٿو پر سندس خيال م حڪومت يا قانونسازي ۾ قرآن مان صحيح رھنمائي نہ ٿي ملي سگھي[1]. ھن برطانوي مستشرقن، عيسائي مبلغن ۽ مسلمان روايت پسندن جي ان خيال جي مخالفت ڪئي تہ اسلام ديني رياست (مذھب ۽ رياست جي جوڙ) جي تصديق ڪري ٿو ۽ اھو تہ اسلام ناقابل تغير آهي[1]. ھن جي مطابق اسلامي حڪومت ۽ شريعت گھڻي ڀاڱي انساني تخليقون آهن ۽ مختلف علائقن جي تاريخي حالتن ۾ تبديل ٿيڻ جي صلاحيت رکندڙ آھن[1]. جھاد لاء ھن جو خيال ھيو تہ اھا ھڪ دفاعي حڪمت عملي ھئي جيڪا حضرت محمد ﷺ ان وقت اختيار ڪئي جڏھن شروع ۾ مسلمان اڳرائي جي زد ۾ ھيا. ھن جي خيال مطابق جھاد جو مقصد مذھب جي نالي ۾ ھڪ جائز اڳرائي ٿيڻ ھرگز نہ ھو[1]. ھي انڊيا ۾ برطانوي راڄ جو بہ مخالف ھيو[1]. ھي روايتن جي بنياد تي ڏنل حڪومت، غلامي، رکيل عورتن، شادي، طلاق، ۽ غير مسلمانن جي حيثيت تي ڏنل فتوائن يا شرعي راء تي تنقيد ڪئي ۽ انھن فتوائن کي جديد مسلم معاشري جي گھرجن سان نہ ٺھڪڻ جي ڳالھ ڪندي اھڙين فتوائن تي نظرثاني يا انھن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو[1]. ھن تسليم ڪيو سندس خيال تڪراري آھن پر ھن کي يقين ھو تہ ھن جاي انھن خيالن ذريعي مسلمان جديد دؤر ۾ مثبت تبديلي ۽ فڪري آزاديءَ جو ميدان جوڙي سگھن ٿا. ھن جديد لبرل اسلامي روايتن جي جڙڻ جي سوچ ڏيڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 138,139
  2. Syed Moinul Haq, Islamic thought and movements in the subcontinent, 711-1947, Historical Society (1979), p. 469
  3. Juan Eduardo Campo, Encyclopedia of Islam, Infobase Publishing (2009), p. 139
  4. Charles Kurzman, Modernist Islam, 1840-1940: A Sourcebook, Oxford University Press (2002), p. 277
  5. Sohail H. Hashmi in Just Wars, Holy Wars, and Jihads: Christian, Jewish, and Muslim Encounters and Exchanges, Oxford University Press (2012), p. 307