چاٽو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

حڪيم يعني ديسي طبيب مختلف پسارڪن وکرن يا ماکيءَ جي گھاٽي چاش مان مختلف مرضن لاءِ دوا ٺاهي مريضن کي ڏيندا آهن، جنهن کي چاٽو چئبو آهي. حڪمت جي لحاظ کان چاٽو خاص ڪري کنگهه، نڙيءَ جي سوڄ ۽ کرٽئي جو بهترين علاج آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN 978-969-9098-80-2) سال: 2012