ماکي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ماکي بسڪٽس ۽ ٻين کائڻ وارين شين سان گڏ بہ استعمال ڪري سگھجي ٿي.

ماکي هڪ مٺو پاڻياٺو مادو آهي جيڪو ماکي جون مکيون گلن جي رس جي مدد سان ٺاهينديون آهن. ماکي انسان لاء الله تعاليٰ جي عطا ڪيل هڪ  بي بها نعمت آهي. تمام غذائي نعمتن مان ماکي کي هڪ امتيازي درجو حاصل آھي.

ماکي قدرتي طور تي نمٺاڻ Fructose . گلوڪاڻ Gulucose . معدنيات Minerals ۽ دافع تڪسيد Antioxident آھي. ماکي دوا سان گڏ غذا آھي جنھن کي لاتعداد بيمارين ۽ جسماني تڪليفن جي ڇوٽڪاري لاء استعمال ڪيو وڃي ٿو.

ماکي ۾ موجود ڪيلشم ڏندن ۽ ھڏن کي مضبوط ڪري ٿي. وٽامن سي ھاضمي جي نظام کي ٺيڪ رکي ٿي. ھي مرڪب جسم کي مضبوط بنائن ٿا.

ڪجهه ماڻھو ماکي کي کير سان . ڪجهه چانھن سان ۽ ڪي پاڻي سان استعمال ڪن ٿا. ڪي ماڻھو صبح جو ناشتي ۾ استعمال ڪن ٿا ڪي ڊبل روٽي تي ۽ ڪي اڦراٽن تي مکي کائڻ پسند ڪن ٿا.

ماکي ﻫڪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻏﺬﺍ آھي، ﺭﺕ ﺻﺎﻑ ڪري ٿي، ﺩﻝ ۽ ﺩﻣﺎﻍ ﮐﻲ ﻃﺎﻗﺖ ڏئي ٿي، ﭤﮅ ۽ ﺯڪﺎﻡ کان بچائي ٿي ۽ ﭔﻴﻦ ڪﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﺍﻧﺪﺭﻳﻦ ﺗﻮڙﻱ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ تڪليفن ﺟﻮ ھڪ بھترين ﻋﻼﺝ ﺁﻫﻲ.

ماکي ۾ گلوڪوز . فرڪٽوز . مئگنيشم . پوٽيشم . ڪئلشم . سوڊيم . سليڪا . ڪلورين . سلفر . آئرن ۽ فاسفورس سان مالامال آھي. ان کان سوا وٽامن بي ون . وٽامن بي 2 . وٽامن بي 6 . وٽامن بي 5 . وٽامن بي 5 . ڪاپر . آيوڊين ۽ جست جي ٿوري مقدار پاتي وڃي ٿي.

ھزار سالن کان ماکي کي آيورويدڪ دوائن ۾ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ھن جو بنيادي مقصد مختلف عناصرن ۾ پيدا ٿيڻ واري عدم توازن کي مثبت طور تي دور ڪرڻ آھي. نظر ۾ تيزي . وزن گهٽ ڪرڻ . نامردي ختم ڪرڻ ۽ سرعت انزال جھڙن مرضن ۾ مفيد آھي. پيشاب جي نالين جي بيمارين . دم ۽ آتن جي صورت ۾ فائديمند شي آھي.  

ماکي ۾ اهڙيون خاصيتون آهن جيڪي مختلف مرضن ۽ تڪليفن ۾ فائدو ڏين ٿيون. ماکي ڪمزور دماغ وارن لاءِ ڪارائتي شئي آهي. هي چهري جو رنگ صاف رکي ٿي ۽ خون صاف ڪري ٿي. هن جي روزاني استعمال سان معدو صحتمند رهي ٿو. پاڻي ۾ پيئڻ سان اکين کي فائدو ڏيندي آهي.

ماکي فاسد مادن کي ڪڍي ٿي ۽ زھريلن مادن کان دور ڪري ٿي. ماکي جا بيڪيٽيريا روڪ مادا انسان جي مدافعتي نظام کي مضبوط ڪن ٿا. ماکي جگر جي فعل کي بيدار ڪري ٿي. يرقان، فالج ۽ لقوي کي دور ڪري ٿي ۽ مثاني ۽ بڪين جي پٿري کي ٽوڙي ڪڍي ٿي.

جيڪو دارچيني ۾ اسينشل آئل ٿئي ٿو اھو ماکي سان ملي ٿو تہ ان سان ھائڊروجن پر آڪسائيڊ ٺھي ٿو جيڪو جسم ۾ فنگس يا جراثيمن جي وڌڻ کي روڪي ٿو.

طبي ماهرن مطابق ماکي کي ڪن، نڪ ۽ گلي جي انفيڪشن جي بيمارين لاءِ روڳ روڪ Antibiotic طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، ڇو جو ماکي جي مکين جي اڪثر قسمن ۾ روڳ روڪ Antibiotic خاصيتون موجود هونديون آهن. رپورٽ موجب طبي ماهرن جي ليبارٽري ٽيسٽن مان معلوم ٿيو آهي تہ ڇوت Infection سبب پيدا ٿيل اڪثر بيڪيٽريا ماکي سان مري ويندا آهن. ماھرن مطابق ماکي جو روڳ روڪ Antibiotic دوا طور ڪم ڪرڻ جو عمل تمام حيرت انگيز آهي. هن وقت سڀني کان وڌيڪ اثرائتي اينٽي بايوٽڪ دوا ”ريلفمين“ سان رڳو 18 سيڪڙو بيڪٽيريا مرندا آهن پر ماکيءَ جي اينٽي بايوٽڪ دوا طور استعمال سان 91 سيڪڙو تائين بيڪٽريا ختم ٿي ويندا آهن.

نِج ماکي بيمارين سان مقابلي جي سگھ وڌائي ٿي. هن ۾ جيوڙن ۽ بيمارين کان بچائڻ واري خاصيت هوندي آهي جنھن سان قوت مدافعت وڌندي آهي. موسم جي اثرن کان بچڻ لاءِ بہ ماکي استعمال ڪري سگھجي ٿي.

ماکي سيءَ کان بہ بچائي ٿي ۽ ان جي کائڻ سان ماڻهو ٿڌي پاڻي ۾ بہ وهنجي سگهندا آهن. ٻڪري جي کير ۾ ماکي ملائي پيئڻ سان رت صاف ٿئي ٿو ۽ چرٻي بہ گهٽ ٿئي ٿي.

قديم يوناني، رومي، بازنطيني، مصري -- قبطي: ،ايراني-- پارسي، سامي قومون ماکي کي غذا ۽ دوا طور ڪتب آڻينديون هيون، کين اُن جي بھترين معلومات هئي جنھن جو تذڪرو تاريخي ڪتابن ۾ آيل آهي. زيتون جو تيل، ماکي ۽ انجير مان ٺهيل شراب کي بني اسرآئيل جو قوميتون قديم زماني کان استعمال ڪن ٿيون، ان رسم جو رواج عرب ۾ بہ پيو.

اڄ کان اڍائي ھزار سال اڳ حڪيم جالينوس .  افلاطون ۽ بقراط جھڙا وڏا حڪيم ماکي جي افاديت جا قائل ھئا پراڻي زماني کان ماکي بطور دوا استعمال ٿيندي پئي اچي. لنڊن جي ھڪ ميوزيم ۾ پيل فرعون جي لاش تي ماکيء جي مک جي تصوير ٺھيل آھي جيڪو 36 سو قبل مسيح اڳ جو آھي. ميڊيڪل جي دور کان اڳ ۽ پوء مغرب ۾ ايپائرن ٿيراپي رائج آھي جنھن ۾ ماکي ۽ ماکي مان ٺھيل شين سان ڪيو ويندو ھو.

اصلي ماکي جي سڃاڻپ[سنواريو]

  • نقلي ماکي ۾ سونف جھڙي خوشبو ھوندي آھي.
  • نقلي ماکي ڪاغذ تي لڳائڻ سان ڪاغذ آلو ٿي ويندو آھي.
  • ماکي ۾ ماچيس جي تيلي ٻوڙي ان کي باھ ڏجي جيڪڏھن باھ لڳي تہ اصلي جي نہ لڳي تہ نقلي.
  • ماکي جي قطري کي پٽ تي اڇلجي جيڪڏھن قطرو بيھي رھي تہ اصلي جي قطري کي زمين چوھي وڃي تہ اھا نقلي آھي.
  • ماني کي ماکي ھڻي ڪتي کي کائڻ لاء ڏجي جيڪڏھن ڪتو کائي تہ نقلي ماکي آھي ۽ جيڪڏھن نہ کائي تہ اصلي آھي.

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]