ڄاڃين جو قبرستان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄاڃين جي قبرستان ۾ هڪ قبر

ڄاڃين جو قبرستان انگريزي (Jajiyun Jo Qabrustan) سنڌ جي ٺٽو ضلعو جي ميرپور ساڪرو تعلقو جي سامونڊي پٽيءَ سان سمنڊ جي اندر قبرستان آهي جنهن کي موجوده وقت ۾ سمنڊ گهيري ميساري ڇڏيو آهي. هن قبرستان ۾ صرف ڊٺل قبرون ۽ مُردن جا هڏا پيل آهن. قبرستان ۾ قبرون وڏن پٿرن جي سليبن سان جوڙيل آهن پر انهن کي سامونڊي لهرن پائي، لوڙهي وکيري ڇڏيو آهي. هيءُ قبرستان ديهه ڍُونڍي ۾ آهي. ٺٽي ضلعي جي ٻهارا شهر کان اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اولهه طرف سمنڊ ۾ اندر آهي. روايتن مطابق هتان ڄڃ گذري پئي جيڪا سمنڊ جي لهرن جي ور چڙهي ۽ ڄڃ سموري فوت ٿي ۽ انهي جاءِ تي دفن ٿي تنهنڪري ڄاڃين جو قبرستان سڏجي ٿو پر حقيقت ان جي ابتڙ لڳي ٿي. هت شهر آباد هوندو جنهن جو قبرستان هيءُ هوندو پر سمنڊ شهر سان گڏ قبرستان کي به پائي ويو ته آثار گم ٿي ويا آهن. پٿر جي سليبن تي سنڌ ۾ رائج قديم لکتن منجهان ڪنهن لکت ۾ اکر به اڪريل آهن. انهن لکتن ۾ برهمي يا ٻي ڪا مقامي قديم لکت ٿي سگهي ٿي. جيڪا غور ڪرڻ سان پڙهي سگهجي ٿي.[1]

حوالا[سنواريو]