ڄام نگر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڄام نگر
જામનગર
जामनगर
City/Urban agglomeration
لاکوٽا ڍنڍ
لاکوٽا ڍنڍ
Country  ڀارت
State Gujarat
Region Saurashtra
District Jamnagar
Established in 1540 A.D.[1]
حڪومت
 • قسم Mayor–Council
 • مجلس Jamnagar Municipal Corporation
 • Mayor Pratibha Kankhara [2]
 • Municipal Commissioner Harshad Patel[3]
پکيڙ
 • ڪل 128.4 ڪ.م2 (49.6 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 5
بلندي 17 ميل (56 ft)
آبادي (2011 census)
 • ڪل 600,943 [4]

ڄام نگر (انگريزي ٻولي: Jamnagar)، اولهه هندستان جي رياست گجرات ۾ ڪاٺياواڙ ٻيٽ تي واقع ڄام نگر شهر هاڻي ضلعي جي حيثيت رکي ٿو.[5]

بنياد[سنواريو]

هن شهر جو بنياد 1540ع ۾ راجپوتن رکيو ۽ هيءُ 1948ع تائين نئونگر راڄواڙي جي گاديءَ جو هنڌ رهيو.[5]

تاريخ[سنواريو]

ڄام راول کي جڏهن 1539ع ۾ راءِ کنگهار طرفان ڪڇ مان تڙيو ويو ته هن ’نوا نگر‘ جي نالي سان هي شهر اڏيو. ڄام نگر سندس نئون نالو آهي. ڪن تاريخن ۾ اهو ڄاڻايل آهي ته ڪرشن مهراج، جيڪو دوارڪا جو شهر اڏيو هو، سو هاڻي ضلعي ڄام نگر ۾ آهي. ڄام راول جي پيءُ، ڄام لاکي کي گجرات جي راجا 12 ڳوٺ انعام ۾ ڏنا هئا. جن جو قبضو وٺڻ لاءِ جڏهن هو پراڳڙهه پهتو ته کيس سندس سئوٽن ڄام تماچي ديڙا ۽ ڄام همير جاڙيجي قتل ڪري ڇڏيو. ڄام راول ڪنهن نموني اتان جان بچائي، اچي پيءُ جي پلاند لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. ترت هن ساڳئي نموني ڄام همير کي قتل ڪيو، جيئن هن سندس پيءُ کي قتل ڪيو هو. ڄام همير کي ٻه پٽ هئا: هڪ کنگهار ۽ ٻيو صاحب جي. اهي سڌا مغل بادشاهه همايون وٽ دانهڻ ويا. شڪار ڪندي هنن ٻنهي همايون جي سامهون شينهن کي ماري وڌو. همايون خوش ٿي، هنن کي لشڪر ڏنو. اهو ٻڌي ڄام راول ڪڇ ڇڏي ڪاٺياواڙ هليو آيو. ڪڇ ۾ تماچيءَ جي حڪمراني هئي. هن اچي تماچيءَ کي قتل ڪيو ۽ سندس گاديءَ جي هنڌ ڌرول تي قبضو ڪيو. راول سان گڏ سندس ڀاءُ ’هردول جِي‘ به هو، پر هو ڪنهن جنگ ۾ مارجي ويو. شڪار ڪندي رنگمتي ۽ ننگمتي ندين جي وچ وارو علائقو هن کي پسند آيو. جنهنڪري هن ’نئونگر‘ جي نالي سان 1540ع ۾ نئون شهر ٻَڌو، جيڪو هاڻي ڄام نگر جي نالي سان گجرات صوبي جو هڪ ضلعو آهي.[5]

جاگرافي[سنواريو]

ڄام نگر 220 47' اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 07' اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي سامونڊي سطح کان 20 ميٽر اوچائيءَ تي واقع آهي. هتي هڪ وڏي ڍنڍ به آهي، جنهن کي ’لکوٽا‘ جي نالي سان سڏين ٿا. 2001ع جي آدمشماري موجب 447734 ماڻهو رهن ٿا. جنهن ۾ 53 سيڪڙو مرد آهن. سندن تعليمي شرح 70 سيڪڙو آهي.[5]

ٻوليون[سنواريو]

ڄام نگر جا گهڻا ماڻهو گجراتي ڳالهائين ٿا، ۽ لکپڙهه به گجراتي لپيءَ ۾ ڪن ٿا. ڪجهه ماڻهو ڪڇي ٻولي به ڳالهائين، پر لکڻ لاءِ گجراتي لپي ڪم آڻين ٿا. ڪاٺياواڙي، جيڪا گجراتيءَ کان به ڪافي مختلف آهي، سا هتي گهڻي ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي وڃي ٿي.[5]

ڄام نگر جيئن ته سامونڊي ايراضيءَ جو شهر آهي. ان لاءِ سياحن جو چڱو تعداد هتي نظر ايندو آهي. هتان جا قديم آثار به ڏسڻ وٽان آهن. جن ۾ سڌناٿ مهاديو جو مندر خاص آهي. ان کان سواءِ به مندرن جو وڏو تعداد هن ضلعي ۾ آهي. جيئن: نؤلکي مندر، گمليءَ، بردا ٽڪرين ۾ موجود ڪلشوار مندر، پر ڀند ڀنجن مندر (جيڪو ڄامن جو ٺهرايل آهي) ۽ سورج مندر اهم آهن. ڄام نگر ۾ 40 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا، جيڪي ڄام راول سان گڏ آيا هئا، گهڻا مسلمان ڪڇي ٻولي ڳالهائين ٿا. اهي گهڻو ڪري مهاڻا آهن، منجهن تعليمي شرح 2 سيڪڙو مس آهي.[5]

معيشت[سنواريو]

ڄام نگر اڄڪلهه ’تيل جو شهر‘ سڏجي ٿو. ڇاڪاڻ ته اتي دنيا جون وڏي ۾ وڏيون تيل ريفائنريون، ريلينس (Relience) ۽ ايسر (Essar) موجود آهن. ڄام نگر مان تيل جو وڏو ذخيرو مليو آهي. هتان لڳ ڀڳ 1.2 ملين بيرل تيل روزانو نڪري ٿو. ڄام نگر ۾ ٽي دفاعي يونٽ، انڊين ايئرفورس، انڊين آرمي ۽ انڊين نيوي ڪم ڪن ٿا. ڄام نگر جيئن ته پاڪستان جي سرحد کي ويجهو آهي، ان لاءِ جنگي حوالي سان به اهميت رکي ٿو. هتي بيري پورٽ نالي سامونڊي بندر کي به اهميت حاصل آهي. ڄام نگر جا ٻانڌڻا مشهور آهن.[5]

تاريخي ماڳ مڪان[سنواريو]

لاکوٽا قلعي جو عجا.ب گھر

درٻار ڳڙهه محل جو شاهي محل، جيڪو ڄام صاحبن جو ٺهرايل آهي. اهو محل راجپوتي ۽ يورپي اڏاوت جو سهڻو نمونو آهي. هي اڌ گول نموني جي اڏاوت آهي، جنهن ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون عمارتون ٺهيل آهن، جيڪي اڏاوت جو بهترين نمونو آهن. اڄڪلهه هتي هڪ ميوزيم کوليو ويو آهي، جتي نائين کان ارڙهين صدي عيسويءَ جون پراڻيون وٿون ڏسڻ لاءِ رکيون ويون آهن. هن ميوزيم سان گڏ رڻمل ڍنڍ به آهي ۽ هي ميوزيم اربع کان سواءِ سڄو هفتو کليل رهندو آهي.[5]

هتي ’لاکوٽا قلعو‘ به ڏسڻ وٽان آهي. هيءُ قلعو هڪ ننڍڙي محل جو ڏيک ڏئي ٿو، جيڪو لاکوٽا ڍنڍ جي وچ تي هڪ ٻيٽاڙي تي جوڙيل آهي، پرتاب ولاس محل ۽ ولنگڊز ڪريسينٽ ٻئي عمارتون مهاراجا رنجيت سنگهه جون ٺهرايل آهن. اهي تاريخي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. آثارِ قديمه ۾ کوٽابيسن، ڌنورتي مندر، سولار، ڀرجيو ڪوٿو يوهرا هجرا، ونومانڪر جو بوتو، موتا آساپورا مان مند، شانتي ناٿ مندر، ورڌمان جو مندر، بالا هنومان مندر وغيره خاص آهن. روزي ۽ بيري ٻه سامونڊي بندر به ڄام نگر جي ڀر ۾ آهن. روزي بندر ڪڇ جي گلف واري ڪناري سان آهي، جڏهن ته بيري بندر شهر کان اٽڪل 4 ڪلوميٽر پرتي رنگامتي نديءَ جي ڪناري تي ٺهيل آهي.[5]

ڄام نگر راند جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي. جن ۾ ڪرڪيٽ جا رانديگر پرنس امينس، پرنس ونيو مان ڪنڊ ۽ اجئه جڊيجا (جاڙيجا) به دنيا جي بهترين رانديگرن ۾ شمار ٿين ٿا. ڪرڪيٽ جي دنيا جو نئون رانديگر رويندرا جڊيجا (جاڙيجا) به ڄام نگر جو آهي.[5]

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

Jamnagar سفري راهنما منجانب وڪي سفر Wikivoyage

حوالا[سنواريو]

سانچو:Gujarat